اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)صدر آصف علي زرداري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.
پاڪستان جي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام صدر ٽرمپ جي جلد کان جلد اسلام آباد آمد ۽ سندن ميزباني جي منتظر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جو پاڪستان جو دورو ملڪ لاءِ اعزاز جو باعث هوندو.
ٻئي پاسي، گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي 250هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان پائيدار جمهوري قدرن جي خوشيءَ ۾ آمريڪا سان گڏ بيٺل آهي، ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل ڀائيواري قائم آهي.