سکر (ويب ڊيسڪ)سکر پوليس ڪارروائي ڪندي 7 ڪروڙ رپين جي ماليت جو ڪپڙو هٿ ڪري ورتو آهي.
ايس ايس پي سکر موجب ببرلو ڀرسان درآمدي ڪپڙي سان ڀريل هڪ ٽريلر ڦر ڪيو ويو هو.
ايس ايس پي موجب جوابدارن ٽريلر مان سمورو سامان لاهي ڇڏيو ۽ خالي ٽريلر شڪارپور ۾ ڇڏي ويا هئا.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪارروائي دوران 7 ڪروڙ رپين جي ماليت وارو ڪپڙو هٿ ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي موجب هن واردات ۾ ٻه واپاري، ٽريلر جو ڊرائيور ۽ هڪ خانگي ٽرانسپورٽ ڪمپني جا ٻه ملازم ملوث آهن.