ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي خان جتوئي، انجينئر ظفر علي جتوئي ميھڙ ۾ ٻرڙا ھائوس پھچي شھري اتحاد ميھڙ جي چيئرمين جي ڊي اي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو جي دعوت ۾ شرڪت ڪري واپارين شھرين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي،ان موقعي تي لياقت علي جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھي سنڌ جا نمائندا نه پر نانگ آھن جن سموري سنڌ کي کائي مڪمل طور تباهه ڪيو آھي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اربين ، کربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙا ھنيا ويا آھن ھن چيو ته 20 سالن کان عوام جي حقن لاءِ وڙھندا پيا اچون اسان پنھنجي سياسي ڪيريئر ۾ اھڙي حالت نه ڏٺي جھڙي ھن وقت سنڌ سان ڪئي وئي آھي ضمير عباسي جھڙو ھڪ آفيسر اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آھي ته ھتي ڪيترا ڪامورا کربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آھن ھن چيو ته سنڌ جون نياڻيون اغوا ڪيون وڃن ٿيون ميھڙ جي اجالا سکر جي پريا سميت ٻيا ٻارڙا ڪيتري وقت کان بازياب نه ٿيا آھن هن چيو ته مان ڊاڪٽر صفدر عباسي جي گھر ڊاھڻ واري عمل جي مذمت ڪيان ٿو ھن چيو ته ايترو ظلم ڪيو جو سڀاڻي اوھان جا به گھر به ڊھڻ کان بچي سگھن لياقت علي جتوئي پريس ڪانفرنس دوران فياض علي ٻٽ مٿان تنقيد ڪندي چيو ته جنھن کي ريڊ لائين ۽ ريڊ بس به چوڻ نه ٿو اچي ان کي به نمائندو مقرر ڪيو ويو آھي جي ڊي اي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو چيو ته گمس ۽ اين جي وي وارو ڊرامو بند ڪيو ماڻھن کي بيوقوف ڪرڻ ڇڏي ڏيو تعلقي اسپتال کي گمس حوالي ڪري اربين روپين جي بجيٽ تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي اسپتال مان ماڻھن کي پيناڊول جي ٽڪي به نه ٿي ملي ھن چيو ته ميھڙ جي سرڪاري اسڪولن کي پرائيويٽ بڻائي اين جي وي جو نالو ڏئي ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙھي وئي آهي ھن چيو ته شرجيل ميمڻ چوي ٿو ته سنڌ جو ڪو روڊ رھيل نه آھي جيڪو ٺھيل نه ھجي شرجيل ميمڻ ميھڙ اچي ڏس ته ڪھڙا روڊ ٺھيل آھن ميھڙ جا سمورا روڊ تباه ۽ ناڪارا بڻيل آھن اھڙا ڪوڙا بيان ڏئي ماڻھن کي بيوقوف نه بڻايو ان موقعي تي تمندار صدا حسين چانڊيو ، سردار نور احمد تيوڻو ، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر ، ڊاڪٽر عبدالحق عباسي ، وڪيل عابد ڪلھوڙو ، اوشاق جانوري ، سيٺ عالمگير ٿھيم ، وڏيرو اشتياق تنيو ،محمد ايوب کوسو ، وڏيرو اسماعيل بروھي ، محبوب کوسو ، فيروز ناريجو ، عنايت کوسو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا