مظفرآباد(عوامي آواز نيوز)آزاد ڪشمير ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ڄمون ڪشمير گڏيل عوامي ايڪشن ڪميٽي آچر ڏينهن سڄي ڪشمير ۾ احتجاج ڪرڻ جي سڏ ڏني آهي.احتجاج جو هي اعلان راولاڪوٽ جي دريڪ واري هنڌ تي عوامي ايڪشن ڪميٽي جي قيادت طرفان ڪيو ويو.مقامي صحافي فرحان طارق موجب، عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات ڪيل تقريرن ۾ چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري هن تنظيم تي پابندي لڳائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران مبينا طور مظاهرين تي جبر ۽ تشدد خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري دنيا جي ٻين هنڌن وانگر آزاد ڪشمير ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويندو.پونڇ ڊويزن جي ڪمشنر سردار وحيد خان بي بي سي سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته عوامي ايڪشن ڪميٽي جي قيادت آچر ڏينهن منجهند ٻن وڳي احتجاجي مظاهرن جو سڏ ڏنو آهي.هن چيو ته راولاڪوٽ جي دريڪ واري هنڌ تي ڌرڻو هڻي ويٺل هن تنظيم جي ڪارڪنن کي شهر اندر يا ڪنهن ٻئي هنڌ احتجاج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.سندس چوڻ هو ته،شهر ۾ دڪان بند آهن، جڏهن ته روزمرهه جي ضرورتن جون شيون وڪڻندڙ دڪان رڳو مقرر وقت لاءِ کوليا وڃن ٿا، جنهن کان پوءِ انهن کي ٻيهر بند ڪيو وڃي ٿو.“هن اها دعويٰ پڻ ڪئي ته شهر ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ڪا به کوٽ ناهي.پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر منير قريشي دعويٰ ڪئي آهي ته شهر جون سڀئي مارڪيٽون کليل آهن، ۽ سندس چوڻ موجب واپارين جي هڪ نمايان انگ پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج واري سڏ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.هن اها دعويٰ پڻ ڪئي ته شهر ۾ عوامي ٽرانسپورٽ به معمول موجب هلي رهي آهي.