مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ويڀَو سوريا ونشي ڀارت جي قومي ٽيم لاءِ ڊيبيو ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.
انگلينڊ خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويڀَو سوريا ونشي مردن جي بين الاقوامي ڪرڪيٽ ۾ ڀارت طرفان ڊيبيو ڪندڙ سڀ کان ننڍي عمر جو رانديگر بڻجي ويو.
ويڀَو سوريا ونشي 15 سالن ۽ 99 ڏينهن جي عمر ۾ ڀارتي قومي ٽيم جي ڪيپ حاصل ڪئي ۽ انگلينڊ خلاف پنهنجي پهرين انٽرنيشنل ميچ کيڏي.
ان کان اڳ ڀارت لاءِ سڀ کان ننڍي عمر ۾ ڊيبيو ڪرڻ جو اعزاز سچن ٽنڊولڪر وٽ هو، جنهن 16 ورهين جي عمر ۾ ڀارت لاءِ پنهنجي پهرين عالمي ميچ کيڏي هئي.
واضح رهي ته ويڀَو سوريا ونشي پنهنجي شاندار بيٽنگ سبب اڳ ئي عالمي ڪرڪيٽ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي چڪو آهي.
هلندڙ سال آءِ پي ايل ۾ هن سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهي اورينج ڪيپ پڻ حاصل ڪئي هئي.
ويڀَو سوريا ونشيءَ جو ڀارت لاءِ ڊيبيو، پهرين ميچ ۾ ئي سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيائين
You might also like