ايراني سپريم ليڊر پيءُ جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندو يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا موجب، شهيد آيت الله علي خامنه اي ۽ سندس گهرڀاتين جي جنازي نماز جي امامت هر شهر ۾ هڪ “مرجعِي تقليد“ (شيعا مسلڪ جا اهي عالم، جن جي پيروي ۽ تقليد ڪئي ويندي آهي) ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جعفر سبحاني تبريزي تهران ۾، ناصر مڪرم شيرازي قم ۾، جڏهن ته حسين نوري همداني مشهد ۾ جنازي نماز پڙهائيندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اڃا تائين اهو واضح ناهي ته موجوده سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي والد ۽ ٻين گهرڀاتين جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندو يا نه.
پرڏيهي ميڊيا موجب، علي خامنه اي جي جنازي نماز جي انتظامي عملي جي سيڪريٽري علي اڪبر چيو آهي ته مجتبيٰ خامنه اي جي شرڪت بابت فيصلو سپريم ليڊر جي گهرڀاتين وٽ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا رٿابندي ڪئي وئي ته ان جو اعلان سندس آفيس ذريعي ڪيو ويندو.
ياد رهي ته جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ مجتبيٰ خامنه اي کي عوامي سطح تي نه ڏٺو ويو آهي ۽ نه ئي سندس ڪا آڊيو يا وڊيو جاري ڪئي وئي آهي.
اسلامي جمهوريه ايران جو نئون سپريم ليڊر 28 فيبروري 2026 تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن جي پهرئين ڏينهن پنهنجي والد ۽ گهر واري جي شهادت کانپوءِ ڪنهن به جنازي يا تقريب ۾ ذاتي طور نظر نه آيو آهي، جنهن سبب سندس صحت بابت مختلف افواهه ۽ سوال اٿيا آهن.

You might also like