”پاڪستان هاڻي محفوظ ملڪ آهي، اچو ۽ سيڙپڪاري ڪريو“ شهباز شريف جي ترڪ ڪاروباري شخصيتن کي دعوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي دوري دوران اتان جي ناليوارن ڪاروباري ۽ صنعتي اڳواڻن توڙي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني آهي.
استنبول ۾ ترڪي جي ڪاروباري گروپ سان ملاقاتن دوران وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ۽ ڪاروبار لاءِ سازگار ملڪ بڻائڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺي رهي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ٻه طرفي اقتصادي سهڪار ۽ ڊگهي عرصي واري ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
وزيراعظم چالڪ هولڊنگ جي چيئرمين احمد چالڪ، البيراڪ گروپ جي چيئرمين احمد البيراڪ ۽ ترڪي جي يونين آف چيمبرز اينڊ ڪموڊٽي ايڪسچينجز جي صدر رفعت حصارڪ جي سميت وڏين صنعتي ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اعليٰ عهديدارن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.
ملاقاتن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان جا مجموعي معاشي اشارا مسلسل بهتر ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت شفاف، اعتماد جوڳو ۽ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪري رهي آهي.
هن ترڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني ته هو پاڪستان جي ترجيحي شعبن جهڙوڪ توانائي، کاڻن جي کوٽائي، معدنيات، بنيادي ڍانچي، بحري معاملن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات، پيداواري صنعت، زراعت ۽ نجڪاري سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن.

 

You might also like