قاهرا (ويب ڊيس) مصر جي قومي فٽبال ٽيم جي ڪوچ حسام حسن آسٽريليا خلاف فيفا ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ ميچ ۾ حاصل ڪيل تاريخي فتح فلسطين جي عوام جي نالي ڪري ڇڏي.
جمعي جي ڏينهن ڊالس اسٽيڊيم ۾ کيڏيل سخت مقابلي کانپوءِ مصر آسٽريليا کي پينلٽيز تي 4-2 تان شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پنهنجي تاريخ جي پهرين فتح حاصل ڪئي.
ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪوچ حسام حسن چيو ته ”خدا فلسطينين کي فتح ڏئي ۽ شهيدن تي رحمت ڪري، مان هيءَ فتح مصري قوم ۽ فلسطين جي نالي ڪريان ٿو.“
واضح رهي ته هن تاريخي ڪاميابي جو جشن نه رڳو مصر پر پوري عرب دنيا سميت غزا ۾ به سڄي رات ملهايو ويو، مصر هن فتح سان گڏ ورلڊ ڪپ جي رائونڊ آف 16 ۾ داخل ٿي چڪو آهي.