سنڌ ۾ بجلي لوڊشيڊنگ ۽ وڌيڪ بل اچڻ خلاف جماعت اسلامي جا مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اپيل تي بدترين لوڊشيڊنگ، مهانگي بجلي ۽ اوور بلنگ خلاف سنڌ جي 400 کان وڌيڪ هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن کي صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن، عالم سڳورن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن خطاب ڪيو، اڳواڻن چيو ته جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اپيل تي سڄي سنڌ ۾ عوام بدترين لوڊشيڊنگ خلاف روڊن تي نڪري آيو، شهرين پبلڪ چوڪن، ضلعي پريس ڪلبن ۽ جمعي جي نماز کان پوءِ مسجدن ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته مسلسل بجلي جي بندش معمول جي زندگي کي سخت متاثر ڪري ڇڏيو آهي، ڪاروباري سرگرميون، شاگردن جي تعليم ۽ گهريلو معاملا سخت متاثر ٿي رهيا آهن، پر لاڳاپيل اختيارين مسئلي جي حل لاءِ ڪو مؤثر قدم نٿا کڻن، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ سخت گرمي باوجود 12 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ عوام سان ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، لوڊشيڊنگ، اوور بلنگ ۽ ڪرپشن عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو عوام جو رت  چوسڻ ۾ مصروف آهن، حڪومت پنهنجن ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ آءِ پي پيز سان مهانگا معاهدا ڪري هٿراڌو مهانگائي جو طوفان، ملڪي معيشت کي تباهه ۽ عوام لاءِ جيئڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ رٿيل احتجاجي مظاهري کي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو خطاب ڪندي چيو ته بار بار بجلي بند ٿيڻ سبب گهريلو نظام، ڪاروباري سرگرميون ۽ شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي آهي ۽ عوام جي مشڪلات ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، هڪ پاسي عوام کان ڳرا بل ۽ مختلف ٽيڪس وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ٻئي پاسي بنيادي سهولتون به فراهم نه پيون ڪيون وڃن، شهري علائقن کان وٺي ڳوٺاڻين آبادين تائين ماڻهو سخت پريشاني ۽ بيچيني جو شڪار آهن، بجلي واهپيدار پنهنجن بلن ۾ غير معمولي ٽيڪسن، فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ۽ ٽي وي فيس جهڙين ڪٽوتين سبب ذهني اذيت ۾ مبتلا آهن.صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا جي اڳواڻي ۾ محمدي مسجد سڪندرآباد ڪوٽڙي ۾ ٿيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي حافظ نصرالله چنا چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ڳاٽي ٽوڙ اوور بلنگ عوام جي زندگي مشڪل بڻائي ڇڏي آهي، شهري علائقن ۾ 15 کان 18 ڪلاڪ بجلي غائب رهي ٿي، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو ٽائم 20 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو سخت پريشان آهن، لوڊشيڊنگ سبب نه رڳو گهريلو واهپيدار، پر واپاري طبقو پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آهي، عوام پاران ڳرا بجلي جا بل ادا ڪرڻ باوجود به بجلي جو نالو نشان موجود ناهي، اڻ  اعلانيه لوڊشيڊنگ ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش عوام کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن، صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد بيت المڪرم پراڻي سکر وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي مولانا حزب الله جکرو چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ جڏهن ته  سخت گرمي ۾ بجلي جو بحران عوام لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي. ڊگهي لوڊشيڊنگ انتظامي ۽ حڪومتي نااهلي جو کليل ثبوت آهي، هڪ پاسي بجلي جي ڳرن بلن جو بار ۽ ٻئي پاسي لوڊشيڊنگ جو عذاب، سخت گرمي ۾ عوام جون تڪليفون انتها تي پهچي ويون آهن. ٻار، بزرگ، مريض ۽ عام شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. حڪومت کي گهرجي ته فوري طور لوڊشيڊنگ جو دورانيو گهٽائي ۽ بجلي جي بلن ۾ عوام کي ڀرپور رليف فراهم ڪري.ان موقعي تي ضلعي قائم مقام امير امان الله تنيو ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا، هوڏانهن شڪارپور ۾ ڳڙهي ياسين ۽ لڪي غلام شاهه ۾ ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي، عبدالرزاق منگريو ۽ مولانا صدرالدين مهر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪنڌ ڪوٽ ۾ ضلعي امير غلام مصطفىٰ ميراني ۽ حافظ شير محمد جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ ضلعي امير ابوبڪر سومرو ۽ حاجي ديدار لاشاري ، لاڙڪاڻي ۾ ضلعي امير نادر علي کوسو ۽ مقامي امير رميز راجا شيخ ، دادو ۾ ضلعي امير محمد موسىٰ ببر ۽ امتياز چانڊيو ، نواب شاهه ۾ ضلعي امير طارق جاويد آرائين ۽ سرور احمد قريشي، ڄامشورو ۾حافظ خليل الرحمان ڪورائي، ٽنڊوآدم عبدالغفور انصاري، مشتاق احمد عادل، عبدالستار انصاري ۽ حاجي نور حسن، بدين ۾ ضلعي امير سيد علي مردان شاهه، غلام رسول احمداڻي، الله بچايو هاليپوٽو، عبدالڪريم بُليدي، پروفيسر علي احمد بُليدي،  ٺٽي ۾ ضلعي امير عبدالمجيد سمون ۽ حمزه ناهيون، ميرپور حافظ خالد سلمان، حاجي نورالاهي مغل ۽ عاصم شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ ضلعي امير حافظ لعل محمد، انور سولنگي، پير مسلم جان سرهندي، اڪرم بيگ، عامر شيخ ۽ عبيدالله نظاماڻي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ٽنڊوالهيار ۾ ضلعي امير آصف ياسين ۽ ديدار بهراڻي، عمرڪوٽ، ڪنري ۾ محمد اعجاز ملڪ، عمر فاروق خليل ۽ مٺي ياسين مغل ۽ ٻين اڳواڻن جي قيادت ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جڏهن ته ان کان سواءِ رتوديرو، ٻانڌي، سيٺارجا، محراب پور، نوشهروفيروز، گهارو، مڪلي، جهرڪ، جهڏو، ماتلي، شادي لارج، تلهار، پنگريو، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڊگري، ڪوٽ غلام محمد، ٽنڊو جان محمد، قاضي احمد، هالا،سعيدآباد، سامارو، نبي سر، علي پور، ڌامراهه، کڏڙو، شهدادپور، ٽنڊوباگو، گولاڙچي ۽ کوسڪي سميت ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

You might also like