ڏوهٽي جي مجرماڻي حرڪت، اسحاق ڊار جو سياسي مستقبل داءُ تي؟

لاهور/اسلام آباد (ع آ نيوز) پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي هن وقت غير يقيني ۽ هلچل جي فضا قائم آهي جتي اقتدار جي ايوانن ۾ گردش ڪندڙ سرگوشيون ڪنهن وڏي طوفان جو ڏس ڏئي رهيون آهن ۽ موجوده نظام، جنهن کي سياسي حلقا ‘فارم 47’ جي بنيادن تي بيٺل قرار ڏين ٿا، اهڙي مرحلي ۾ ڏوهٽي جي مجرماڻي حرڪت سبب اسحاق ڊار جو سياسي مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي، هن مرحلي کي ‘اسڪينڊلز جو موسم’ چيو پيو وڃي، لاهور واقعي تي سوال اٿڻ لڳا آهن، ٻين جا ڪيس سي ٽي ڊي حوالي ڪيا وڃن ٿا ۽اسحاق ڊار جي ڏوهٽي جو ڪيس عام پوليس حوالي ڪيو ويو آهي تنهن ڪري لاقانونيت ۽ ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ سبب هن واقعي جي ڪري اسحاق ڊار ان جو پهريون نشانو چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته پراڻا فائل ٻيهر کوليا پيا وڃن، طاقت جي مرڪزن ۾ نيون صف بنديون تيزي سان ٺهي رهيون آهن ۽ بجيٽ جي منظوري کان پوءِ احتساب جو رخ پنهنجن ئي اتحاديَن ڏانهن مڙندو نظر اچي رهيو آهي، جنهن سان اهو  تاثر وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي ته سياسي وفاداريون هاڻي اصولن بدران مفادن جي تابع ٿي چڪيون آهن. انهيءَ تناظر ۾ متبادل سياسي قوتن جي تياري جو عمل به تيز ٿي چڪو آهي جتي نيون صف بنديون ذريعي وڏين جماعتن کي دٻاءَ ۾ رکڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن ضرورت پوڻ تي هڪ ‘ٽين قوت’ کي اڳيان آڻي سياسي توازن کي پنهنجي مرضي مطابق برقرار رکيو وڃي، جڏهن ته ٻي طرف ڪجهه سياسي فيصلا، خاص طور چونڊن جي بائيڪاٽ جهڙا قدم، پاڻ سياسي جماعتن جي پوزيشن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي عملي سياست جي ميدان مان آهستي آهستي ٻاهر ڌڪي رهيا، فلاحي منصوبن جو خاتمو، پناهگاهن جي بندش ۽ توانائي جي شعبي ۾ موجود تضاد هن حقيقت کي وڌيڪ واضح ڪن ٿا ته حڪومتي ترجيحن ۽ عوامي ضرورتن جي وچ ۾ هڪ وسيع ۽ گهرو خلا موجود آهي، جتي هڪ طرف بجلي پيدا ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت موجود هجڻ باوجود عوام لوڊشيڊنگ ۽ مهانگي بجلي جي عذاب ۾ مبتلا آهن ۽ ٻي طرف معاشي دٻاءَ وچولي ۽ هيٺئين طبقي جي زندگي کي مسلسل ڏکي بڻائي ڇڏيو آهي۔ مجموعي طور پاڪستان جو موجوده نظام اهڙي دٻاءَ ۽ عدم توازن جو شڪار نظر اچي ٿو جيڪو اندروني تضادن، سياسي مفادن ۽ طاقت جي پيچيده راند جو نتيجو آهي، ۽ اها ئي اها صورتحال آهي جيڪا اهو بنيادي سوال اٿاري ٿي ته ڇا هن نظام ۾ حقيقي احتساب ۽ ڊگهي مدي وارن سڌارن جي ڪا گنجائش باقي رهي آهي يا پوءِ اهو سلسلو اهڙي طرح جاري رهندو جتي طاقتور طبقا پاڻ کي محفوظ رکندي عام ماڻهو کي مسلسل دٻاءَ ۽ محرومين جي گرداب ۾ ڌڪيندا رهندا۔ لاهور واقعي جي جاچ تي سوال اٿڻ لڳا، ٻين جا ڪيس سي ٽي ڊي ۽ پنهنجا عام پوليس حوالي ڪيا پيا وڃن. ٻئن کي انڪائونٽر ڪري ماريو ٿو وڃي ۽ هنن کي بچايو پيو وڃي.

 

پرڏيهي عورتن سان زيادتي ڪيس ۾ رضا ڊار ۽ ٻين جو رمانڊ

 

لاهور (بيورو) لاهور جي مقامي عدالت پرڏيهي عورتن سان مبينا زيادتي ۽ اغوا جي ڪيس ۾ گرفتار نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڏوهٽي رضا ڊار سوڌو چئن جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان رپورٽ پڻ طلب ڪئي وئي، ڪينٽ ڪچهري جي جڊيشل مئجسٽريٽ اظهر محمود ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران پوليس گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن تي پرڏيهي عورتن سان زيادتي ۽ اغوا جا سنگين الزام آهن، سندن عمل سبب ملڪ جي بدنامي ٿي آهي، تنهن ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي، عدالت پوليس جي 14 ڏينهن واري رمانڊ جي درخواست رد ڪندي جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو  ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته ڊفينس ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري رکيو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن ۾ اسحاق ڊار جو ڏوهٽو رضا ڊار، حسن رضا، سڪندر خان ۽ ساجد علي شامل آهن.

 

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: فيصل واوڊا

 

لاهور (عوامي آواز نيوز) لاهور ۾ پرڏيهي ٻن عورتن سان زيادتي، اغوا ۽ ڀنگ واري معاملي تي سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڪجهه جمهوري جنازا سالن کان ملڪ کي ڦرڻ کان پوءِ هاڻ عزتون به لُٽي رهيا آهن، اسان جمهوري ماڻهو ايترا ڪري پيا آهيون جو ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جو فرق به وساري ڇڏيو، پاڪستان جي ساک جو ٿورو به احساس آهي؟ اسحاق ڊار کي فوري استعفيٰ ڏيڻ گهرجي، شرمناڪ عمل کان پوءِ ڪير اسحاق ڊار سان پاڪستان جي جهنڊي هيٺ بيهي سگهي ٿو، حڪومت معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪيس کي زيادتي بدران ڀتاخوري تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، جمهوريت جي نالي تي 500 ماڻهن ملڪ تي قبضو ڪيو آهي، پهريان ئي چيو هو ته انٽرنيشنل اسڪينڊلز ۽ وڊيوز اينديون، اسان جمهوري ماڻهو، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جو فرق به وساري چڪا آهيون، زيادتي جو شڪار عورتن کي جلد واپس موڪلڻ جو بندوبست ٿي رهيو آهي، پاڪستان کي فيملي ڪارپوريشن وانگر هلايو پيو وڃي.

 

You might also like