”ڀارتي فنڪار عمر شريف کي ڏسي مزاح سکيا آهن“پاڪستانين ارشد وارثي کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ارشد وارثي کي پاڪستاني مزاح بابت پنهنجي بيان تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد نشانو بڻايو پيو وڄي.
فلم ساز راج ڪمار هيراڻي سان ڳالهه ٻولهه دوران ارشد وارثي چيو ته مان پاڪستاني مزاح جو مداح ناهيان، ڇو ته ان ۾ اڪثر تذليل، نالا رکڻ ۽ توهين جوڳو انداز هوندو آهي.
مون کي اهڙي قسم جي مزاحيه آڇ يا جنسي قسم جي ڪاميڊي پسند ناهي.
ان تي راج ڪمار هيراڻيءَ چيو ته مزاح ۾ مختلف ثقافتن ۽ برادرين تي ٻڌل چرچا به شامل هوندا آهن ۽ جيڪڏهن هر شيءِ کي حد کان وڌيڪ محدود ڪيو ويو ته مزاح جو وجود ئي ختم ٿي ويندو.
ارشد وارثي به ان سان اتفاق ڪندي چيو ته ماڻهن کي اهڙن معاملن ۾ وڌيڪ سنجيدا ٿيڻ بدران برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
ارشد وارثي جي ان بيان تي پاڪستاني سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي آهي.
ڪيئي واهپيدارن جو موقف آهي ته پاڪستاني مزاح نرم هوندو آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪاميڊي ۾ گاريون، ٻٽي معنيٰ وارا جملا ۽ توهين جوڳو مواد گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪجهه واهپيدارن ”دي ڪپل شرما شو“ ۽ ڀارتي اسٽينڊ اپ ڪاميڊي جو حوالو ڏيندي ارشد وارثي تي تنقيد ڪئي آهي.
ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني مزاح ڀارتي ڪاميڊي تي به اثر ڇڏيا آهن.
ڪجهه واهپيدارن اِهو به چيو ته ڀارتي مزاحيه اداڪارن پاڪستاني ڪاميڊينز، خاص ڪري مرحوم عمر شريف جي انداز کان متاثر ٿي پنهنجي ڪارڪردگي کي نکاريو آهي.

 

You might also like