جادوگر مايون ٽوڻن ڦيڻن ذريعي ارجنٽينا کي ٻيهر ورلڊ ڪپ کٽرائڻ لاءِ سرگرم!
بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا جي راڄڌاني بيونس آئرس ۾ رهندڙ هڪ عورت، جيڪا پاڻ کي جادوگرياڻي سڏائي ٿي، دعويٰ ڪئي آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽينا جي ڪاميابين پويان روحاني رسمن جو هٿ آهي.
دليا ووڪر نالي ان عورت جو چوڻ آهي ته ملڪ جي پوئين ڪاميابيءَ ۾ غيبي طاقتن جو اثر هو، ڇاڪاڻ ته هن ۽ سندس ساٿين ليونل ميسي سميت قومي ٽيم جي رانديگرن جي حمايت لاءِ دعائن ۽ ٻين رسمن جو سهارو ورتو.
هنن عورتن پنهنجي گروپ جو نالو ”لا بروخينيتا“ رکيو آهي، جيڪو اسپيني ٻوليءَ جي لفظ ”بروخا“ (جادوگرياڻي) ۽ ارجنٽينا جي موجوده ڪوچ ليونل سڪيلوني جي نالي سان منسوب ”لا سڪيلونيتا“ مان نڪتل آهي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب، هي عورتون واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي رابطي ۾ رهنديون آهن.
دليا موجب، گروپ جون ميمبر ميچن دوران ميڻ بتيون ٻارڻ، دعائون گهرڻ ۽ هاڪاري توانائي موڪلڻ جهڙيون رسمون ادا ڪنديون آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه رسمن جو مقصد مخالف ٽيمن جي رانديگرن کي پريشان ڪرڻ به هوندو هو، پر دليا موجب هوءَ هميشه هاڪاري رسمن جي حامي رهي آهي.
واضح رهي ته جڏهن ارجنٽينا 2022ع ۾ قطر فيفا ورلڊ ڪپ کٽيو ته ان گروپ ان فتح کي پنهنجي محنت جو نتيجو قرار ڏنو، هاڻي جاري ٽورنامينٽ ۾ به دليا ٻيهر ساڳيون رسمون ورجائڻ جو ارادو رکي ٿي.
سندس چوڻ آهي ته هوءَ پنهنجي عبادت گاهه ۾ ارجنٽينا جي جهنڊي جي رنگن جهڙيون نيريون ۽ اڇيون ميڻ بتيون ٻاريندي.
دليا قبول ڪيو ته ارجنٽينا جا ماڻهو ڏاڍا وهمي آهن، ان ڪري جيڪو طريقو هڪ ڀيرو ڪامياب ٿئي، ان کي وري وري ورجايو ويندو آهي.