وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سميت پاڪستاني اعليٰ وفد شهيد آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ شريڪ

تهران (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ شهيد آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي.
ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي.
آيت الله علي خامنه اي 28 فيبروري تي ايران تي ٿيل حملن دوران شهيد ويو هو.
وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب، پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سڌ سماءُ واري وزير عطاءُ الله تارڙ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار شامل آهن.
ان موقعي تي وزيراعظم اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين غير معمولي بصيرت، حڪمت ۽ دور انديشي سان ايراني قوم جي رهنمائي ڪئي.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ پارلياماني وفد، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ وزيراعظم سان گڏ جنازي ۾ شريڪ ٿيو، جنازي نماز ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم ترڪي جي سرڪاري دوري لاءِ استنبول روانو ٿي ويو.

You might also like