ممبئي(ويب ڊيسڪ) نامياري بالي ووڊ اداڪارا ايشا ڪوپيڪر فلم انڊسٽري ۾ وڏي عمر بابت مرد ۽ عورت جي وچ ۾ جاري ٻٽي معيار تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ريل شيئر ڪندي هن انڊسٽري جي ان رواج تي سخت سوال اٿاريا آهن جتي وڏي عمر وارو هيرو پاڻ کان اڌ عمر جي ڇوڪرين سان فلمن ۾ رومانس ڪندا نظر اچن ٿا.
ايشا چيو ته ڇا اِهو عجيب ناهي؟ مرد جي عمر وڌي ته ان کي ”تجربو“ چيو وڃي ٿو، ۽ عورت جي عمر وڌي ته ان کي” مسئلو“ بڻايو وڃي ٿو.
سندس چوڻ هو ته فلمي هيرو پاڻ کان اڌ عمر جي ڇوڪرين سان عشق ڪندا آهن ۽ هو سڀني جا هيرو بڻجي ويندا آهن ۽ ان کي نارمل سمجهيو وڃي ٿو.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن ڪا عورت عمر جي ان حصي ۾ به اسٽائلش رهي ۽ پنهنجي مرضي سان جيئي ته ان تي ٺٺول ڪندي چيو وڃي ٿو ته ”پنهنجي عمر جي حساب سان رهو.“
سندس چوڻ هو ته سچ ته اهو آهي ته وقت سان گڏ عورت گهٽ نه پر وڌيڪ گهري ۽ مضبوط ٿئي ٿي، چهري جون جهريون رڳو عمر نه پر ان جي جدوجهد ۽ طاقت ڏيکارين ٿيون.
هن مداحن کي پيغام ڏنو ته عورت جي عزت جي ڪا ”ايڪسپائري ڊيٽ” ناهي هوندي، ان ڪري ڪنهن عورت کي ان جي عمر مان نه پر ان جي خوبصورت سفر ۽ طاقت مان سڃاڻو.
مرد پاڻ کان ننڍي عمر وارين ڇوڪرين سان رومانس ڪن ٿا، عورتن کي ”عمر جو لحاظ“ ڪرڻ جو چيو وڃي ٿو: ايشا ڪوپيڪر
You might also like