فيفا ورلڊ ڪپ: رونالڊو جي پينالٽي کان اڳ ”بسم الله“ پڙهڻ واري وڊيو وائرل

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي رائونڊ آف 32 ۾ پرتگال ۽ ڪروشيا وچ ۾ کيڏيل دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
هڪ وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پنالٽي وٺڻ کان اڳ رونالڊو ”بسم الله“ چئي رهيو آهي.
هي ڪلپ مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي تيزي سان شيئر ڪيو پيو وڃي، جيتوڻيڪ ان ڳالهه جي باضابطا تصديق ناهي ٿي سگهي ته هن واقعي اهي ئي لفظ ادا ڪيا هئا.
مداحن جو چوڻ آهي ته پنالٽي وٺڻ کان اڳ هو ڪجهه لفظ ورجائيندي نظر آيو، جن کي ڪيترن ئي ماڻهن ”بسم الله“ قرار ڏنو آهي.
هن پنالٽي جي اهميت رڳو وائرل وڊيو تائين محدود نه رهي، پر هي رونالڊو جي ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ڪيريئر جو پهريون گول پڻ ثابت ٿيو.
هي ٽورنامينٽ ۾ سندس ٽيون گول هو، جنهن پرتگال کي ميچ ۾ واپس آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ياد رهي ته پرتگال ڪروشيا کي شڪست ڏئي رائونڊ آف 16 ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي، جتي سندس مقابلو اسپين سان ٿيندو.

 

You might also like