يوٽيوب پاران شارٽس وڊيوز ۾ تصويرن تي ٻڌل مواد شيئر ڪرڻ لاءِ ڪجهه نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.
يوٽيوب طرفان شارٽس وڊيوز کي گهڻي حد تائين انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.
هڪ رپورٽ موجب، ڪمپني طرفان تصويرن تي ٻڌل پوسٽن لاءِ فيچرز ڊزائين ڪيا ويا آهن.
هاڻي واهپيدار 10 تصويرن تي ٻڌل سلائيڊ شو جهڙيون پوسٽون تيار ڪري سگهندا.
اهڙي طرح تصويرن ۾ ٽيڪسٽ شامل ڪري سگهندا، جڏهن ته 15 سيڪنڊن جو بيڪ گرائونڊ ميوزڪ به شامل ڪري سگهندا.
واهپيدارن کي هر ڀيري مڪمل وڊيو ايڊٽ ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي، پر تصويرن ذريعي به سولائي سان پنهنجن ناظرين کي مصروف رکي سگهندا.
ڪمپني موجب، نون فيچرز جو مقصد واهپيدارن کي تصويري اسٽوريز سڌو شارٽس فيڊز تي شيئر ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته نيون تصويري پوسٽون انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ سان ملندڙ جلندڙ هونديون، جتي ان قسم جو تصويري مواد ڪافي پسند ڪيو ويندو آهي.
ان کان اڳ ڪمپني پاران ڪجهه ڏينهن اڳ شارٽس وڊيوز جي انٽرفيس ۾ تبديلين جو اعلان ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي ٻڌايو ويو هو ته هڪ تبديلي نئون ڪليئر اسڪرين موڊ آهي، جيڪو آئڪونز ۽ ٽيڪسٽ کي لڪائي ڇڏيندو ۽ وڊيو ڏسندي ڌيان نه ڀٽڪندو.
ان کانسواءِ هاڻي توهان يوٽيوب شارٽس وڊيوز جي پلي بيڪ اسپيڊ کي به ٻيڻو ڪري سگهو ٿا ته جيئن مختصر وڊيو کي وڌيڪ مختصر بڻائي ڇڏيو يا وڌيڪ تيزي سان ڏسي سگهو.
ڪمپني پاران ٿمبز اپ جي جاءِ تي هاڻي هارٽ آئڪون کي متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو بنيادي طور تي لائڪ بٽڻ هوندو.
ان سان گڏوگڏ ڊس لائڪ بٽڻ کي رٽائر ڪيو پيو وڃي، ان جي جاءِ تي ناٽ انٽريسٽڊ ۽ ڊونٽ ريڪومينڊ دس چينل جا آپشن استعمال ڪري سگهبا.