”دعا ڪجو ته ٻئي خوش رهون“ عامر خان ٽين شادي جي تاريخ ٻڌائي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ٽِين شاديءَ جي تاريخ سامهون اچي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي آچر تي ممبئيءَ ۾ اداڪار جي رهائشگاهه تي سادگيءَ سان ٿيندي.
ان ڏس ۾ عامر خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 5 جولاءِ هڪ خاص ڏينهن آهي، شادي گهر ۾ ئي هڪ ننڍڙي تقريب ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڪٽنبن کانسواءِ ڪجهه دوست شريڪ ٿيندا.
هن چيو ته سڀني جون دعائون گهرجن ته ته اسان خوش رهون ۽ اسان جو سفر سٺو رهي.
واضح رهي ته عامر خان پنهنجي 60 هين سالگرهه جي موقعي تي پهريون ڀيرو گوري اسپرٽ کي متعارف ڪرايو هو ۽ باظابطا طور تي ساڻس پنهنجي رشتي جي تصديق ڪئي هئي.
ياد عامر خان جي پهرين گهرواري رينا دتا سان شادي 1986ع ۾ ٿي هئي جيڪا 2002ع ۾ ختم ٿي، جڏهن ته ٻي گهرواري ڪرن رائو سان شادي 2005ع ۾ ٿي هئي جيڪا 2021ع ۾ عليحدگيءَ تي ختم ٿي هئي.

 

You might also like