تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي جي آخري رسمن ۽ تدفين جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن.
اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير تهران پهچي ويا آهن.
ايراني راڄڌاني تهران ۾ شهيد آيت الله علي خامنه اي جو تابوت ”امام خميني مصليٰ“ ۾ رکيو ويو آهي، جتي سوڳوارن جو وڏو انگ موجود آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، شهيد آيت الله خامنه اي جون ست ڏينهن تائين جاري رهندڙ جنازي ۽ تدفين واريون رسمون باظابطا طور شروع ٿي چڪيون آهن.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، اٽڪل 100 ملڪن جا وفد آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندا، جنهن لاءِ مختلف ملڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن جي تهران آمد جو سلسلو جاري آهي.
شهباز شريف ۽ جنرل عاصم منير ان موقعي تي ايراني قيادت سان تعزيت ڪندا ۽ آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيندا.