بلوچستان: بريڪ فيل ٿيڻ سبب مسافر بس کاهي ۾ ڪِري پئي، عورتن ۽ ٻارن سميت 40 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زوب جي داناسر واري علائقي ۾ هڪ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب، حادثو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو. زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن، جن کي علاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.
بلوچستان جي وڏي وزير جي سڌ سماءُ وارن معاملن بابت صلاحڪار شاهد رند پنهنجي بيان ۾ چيو ته حادثو بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا واري سرحدي علائقي ۾ پيش آيو، جتي بلوچستان ۽ ڪي پي حڪومتن جون ريسڪيو ٽيمون امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.
سندس چوڻ هو ته ته پي ڊي ايم اي، صحت کاتو، ايف سي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا پڻ سرگرم آهن، جڏهن ته فوري سهڪار تي خيبرپختونخوا حڪومت جا ٿورا مڃيا وڃن ٿا.
شاهد رند موجب، شروعاتي اطلاعن موجب بس ۾ گنجائش کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، جڏهن ته اڳ ۾ خراب ٿيل ٻي بس جا مسافر پڻ ان ئي بس ۾ ويٺل هئا، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل آفيسر حادثي جي سببن بابت تفصيلي جاچ ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته فوتين جي سڃاڻپ ۽ زخمين جي علاج لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته بلوچستان حڪومت ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته مڪمل جاچ کانپوءِ حادثي جون سموريون حقيقتون عوام آڏو آنديون وينديون.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري زوب-شيراني شاهراهه وٽ پيش آيل المناڪ بس حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر چيو ته سڄي قوم هن ڏکوئيندڙ سانحي ۾ متاثر ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.

You might also like