ڪراچي(عوامي آواز نيوز)صدر آصف علي زرداري ڪراچي جي دوري تي پهچي ويو،ذريعن موجب ايوان صدر جي ترجمان موجب صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه،بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال،وفاقي حڪومت بابت بين الصوبائي معاملن ۽ ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ملاقات ۾ صدر زرداري عوامي مسئلن جي حل ۽ مالي استحڪام جي ڪوششن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي هدايت ڪئي،صدر چيو ته بين الصوبائي سهڪار کي هٿي سان ملڪي استحڪام جي ڪوششن کي وڌيڪ هٿي ملندي،بين الصوبائي سهڪار جي فروغ سان عوامي مسئلن جو حل ڪڍي سگهبو.