اسلام آباد( اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي؛ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي جيلن ۾ قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. 2008 جي هڪ معاهدي تحت پاڪستان ۽ ڀارت هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ ڪندا آهن. پاڪستان اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن کي 250 ڀارتي قيدين جي فهرست ڏني آهي، جنهن ۾ 198 مهاڻا ۽ 52 عام ڀارتي شهري آهن. اهڙي ريت، ڀارت به اسان جي هائي ڪميشن کي 439 پاڪستاني قيدين جي فهرست ڏني آهي، جنهن ۾ 386 عام شهري ۽ 53 مهاڻا آهن.پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي قيدين تائين قونصلر رسائي ڏني وڃي ان کان علاوه پاڪستان اهڙن 97 قيدين جي فوري واپسي جو به مطالبو ڪيو آهي جيڪي پنهنجي سزا پوري ڪري چڪا آهن (جنهن ۾ 64 عام شهري ۽ 33 مهاڻا آهن،اهڙي وقت ۾ جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي سنئين ڳالهه ٻولهه بند آهي، هي هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ باقاعدي سفير به موجود ناهن. ڀارت ۾ پاڪستاني مشن جا سربراهه سعد وڙائچ آهن. ان کان علاوه "ٽريڪ ٽو ڳالهيون به هلي رهيون آهن ،پاڪستان پاران انوار الحق ڪاڪڙ کي ڪولمبو وڃڻو هو پر بجيٽ جي مصروفيتن جي ڪري نه وڃي سگهيو، جنهن ڪري جليل عباس جيلاني ويو. ڀارت مان به سينئر سياستدان ۽ ريٽائرڊ ماڻهو آيا هئا.ڀارت ۾ آر ايس ايس جي سيڪريٽري جنرل بيان ڏنو آهي ته پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي تازو ئي ميرواعظ عمر فاروق ڪشمير مان هڪ مثبت بيان ڏنو آهي.30 جون تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نامور سياستدانن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن کي گڏيل خط لکيو آهي. جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته باقاعدي سفير مقرر ڪيا وڃن، جامع ڳالهيون ٻيهر شروع ڪيون وڃن، پاڻي ۽ قيدين جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي.ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي ۽ سندن قومي سلامتي جو صلاحڪار اجيت ڊوول،جڏهن ته پاڪستان پاران وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير. جيڪڏهن اهي چارئي ويهن ته حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون. پاڪستان، آمريڪا ۽ ايران کي پاڻ ۾ ويهاري سگهي ٿو ته پنهنجو مسئلو ڇو نٿو حل ڪري سگهي؟ جنرل مشرف تي ڪارگل جو الزام هو پر هو به بعد ۾ امن جو سڀ کان وڏو علمبردار بڻجي ويو هو. جيڪڏهن مشرف خلاف تحريڪ نه هلي ها ته من موهن سنگهه ۽ مشرف هڪ امن معاهدو صحيح ڪري وٺن ها.هاڻي هي عام مطالبو هجڻ گهرجي ته ڪشمير جي مسئلي جو ڪو حل نڪرڻ گهرجي.جڏهن تڪرار ختم ٿيندا ته دفاعي خرچ گهٽبا ۽ عوام کي صحت، تعليم ۽ ٻيون سهولتون ملي سگهنديون.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 02 جولاءِ 2026ع تي شايع ٿيو