ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ عوامي ڀلائي جي ويزن تحت تاريخي ترقياتي رٿائن تي ڪم ڪري رھي آھي، مختلف ضلعن ۾ روڊن، ٽرانسپورٽ، صحت، تعليم، آبپاشي، توانائي ۽ شھري سھولتن جون رٿائون تيزي سان مڪمل ڪيون پيون وڃن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنھنجي آفيس ۾ مختلف وفدن سان ملاقات ڪئي ۽ سائلن جا مسئلا به ٻڌا. ان موقعي تي ڳالھائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جي اوليت منصوبن جو وقت سر پورائو، معيار جي نگراني ۽ عوام کي عملي فائدو پھچائڻ آھي. ڪراچي سميت سمورن شھرن ۾ بنيادي ڍانچي جي بھتري ۽ شھري ترقي جي رٿائن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ انقلابي قدمن جو مقصد شھرين کي محفوظ، آمراده ۽ جديد سفري سھولتون ڏيڻ آھي. ھن چيو ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ وڏا ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيندا، جيڪي معاشي، سماجي ۽ شھري ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا.