رسول بخش پليجي جي ورسي واري جلسي گاهه ۽ مزار تي قبضو ڪيو ويو آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن چيو آهي ته تحريڪ جي ساٿين خلاف سازش تيز ٿي وئي آهي. جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هر سازش کي جدوجهد ذريعي منهن ڏنو ويندو. رسول بخش پليجو جي ورسي واري جلسي گاهه ۽ مزار تان قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي. ڪالهه عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن نوراحمد ڪاتيار. ستار رند. ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو. حسنه راهوجو. افشين ميمڻ ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجو پنهنجي سڄي زندگي پورهيت عوام، مظلوم قومن ۽ طبقن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. هن عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي صورتحال تي هميشه چٽو ۽ واضح موقف رکيو. سڄي عمر پرامن ۽ جمهوري جدوجهدن جو رستو اختيار ڪندي لکين ماڻهن جا تاريخي جلسا ۽ پُرامن احتجاجي مارچ ڪيا. رسول بخش پليجو حڪمران ڌرين جي سازشن کي وائکو ڪيو ان ڏوهه ۾ وقت به وقت حڪمرانن کيس سالن تائين جيلن ۾ قيد رکيو، لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ڪيو ويو ۽ بدترين ذهني توڙي جسماني تشدد جو نشانو بڻايو پر هن عزم ۽ حوصلي جو جبل بڻجي حڪمرانن جو مقابلو ڪندو رهيو. هنن چيو ته تازو 7 جون تي ڳوٺ منگر خان پليجي لڳ جنگشاهي ۾ سندس آخري آرامگاهه تي هن جي اٺين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ پاران جلسي عام ڪيو ويو، جنهن ۾ هزارين عورتن، ٻارن، ٻڍن، نوجوانن، هارين، مزدورن، استادن، شاگردن، وڪيلن ۽ صحافين سميت لکين ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي. ملڪ جي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن، سماجي شخصيتن، اديبن، دانشورن، شاعرن، وڪيل اڳواڻن ۽ صحافين کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪئي. ان جلسي کان پوءِ فوري طور تي سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، امڪاني 28 هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي ورهاڱي جي سازش، مهانگائي، عورتن جي بي گناهه قتلام ۽ منشيات خلاف هڪ منظم پُرامن جدوجهد جي شروعات ڪئي وئي، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريلون ۽ بک هڙتالون جاري آهن. ورسي جي جلسي ۽ عوامي تحريڪ جي مسلسل جدوجهد حڪمرانن، خاص ڪري سنڌ جي حڪمران ڌر پيپلز پارٽي جي قيادت جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جا حڪمران چاهين ٿا ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، پيڪا سميت ڪارن قانونن 26، 27 ۽ امڪاني 28هين آئيني ترميمن، سنڌ جي ورهائڻ جي سازشن، وڏيرن ۽ سردارن جي سرپرستي ۾ ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيل بي گناهه معصوم عورتن، اغوا ڪيل ٻارڙين، ادارن ۾ بي انتها ڪرپشن، منشيات، نوڪرين جي وڪري، سنڌ جي وسيلن پاڻي، تيل، ڪوئلي، گئس، ڪارونجهر، ڪينجهر، گورک، هاليجي، ڀنڀور سميت سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن مڪانن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان منصوبن کي لکين ايڪڙ سنڌ جون زمينون ڏيڻ واري انتهائي اهم معاملن تي عوامي تحريڪ آواز نه اٿاري. هنن چيو ته سنڌ جي حڪمران ڌر پيپلز پارٽي عوامي تحريڪ مٿان حملي آور ٿي آهي. ورسي جي ڪامياب جلسي کان فوري پوءِ حڪمران ڌرين طرفان مختلف ملڪن ۾ ويهاريل پنهنجي پگهاردار ايجنٽن ذريعي سوشل ميڊيا تي عوامي تحريڪ ۽ قائد رسول بخش پليجو خلاف هڪ منظم مهم شروع ڪرائي وئي، جنهن ۾ مسلسل غليظ، غير اخلاقي ۽ توهين آميز ٻولي استعمال ڪئي وئي. هن جي نالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙا اڪائونٽس ۽ آئيڊيون ٺاهي ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ مذهبي شخصيتن خلاف پوسٽون شيئر ڪيون ويون ته جيئن رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ خلاف سڄي ملڪ ۾ نفرت پکيڙي سگهجي. هن چيو ته هڪ طرف رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ خلاف غليظ پروپيگنڊا مهم تيزي سان جاري هئي ته ٻئي طرف ورسي جي جلسي عام کان 10 ڏينهن بعد 17 جون تي رسول بخش پليجو جي مزار تي ٺٽي جي پوليس اهلڪارن مظهر علي پليجي، برڪت علي پليجي، اشفاق پليجي 15_ 20 ماڻهو ساڻ ڪري ورسي جي جلسي گاهه جي اوڀر طرف ڏنل ديورا کي ٽوڙي اندر گهڙي جلسي گاهه جي پڇڙي واري گرائونڊ تي قبضو ڪيو. قانوني طور تي رسول بخش پليجو جي پوٽي غني پليجي ايس ايس پي ٺٽي کي درخوست ڏني ۽ مڪلي ٿاڻي تي وڃي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ بار بار پوليس سان رابطو ڪيو پر پوليس ايف آئي آر داخل نه ڪئي. جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته 30 جون 2026ع تي لڳ ڀڳ ساڍي 10هين وڳي ڄاڻايل قبضاگيرن ورسي جي موقعي تي مزار تي لڳايل تصويرن ۽ سياسي مطالبن وارن پينافلڪسن کي ڦاري، قائد جي تصوير جي توهين ڪئي، وڌيڪ گرائونڊ ۽ تربت تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گرائونڊ تي مقرر چوڪيدار محمود ولد گل محمد پليجو کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو. کيس مٿي ۾ ڪهاڙي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. جنهن کي مڪلي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. هنن چيو ته پوليس حملي آور ڌر تي ڪيس داخل ڪرڻ بدران الٽو زخمي ڪيل منگر خان ولد محمد حسن پليجو، عبدالغني ولد جميل احمد پليجو، انيل مسعود ولد مسعود انور پليجو، نويد علي ولد اعجاز علي پليجو، ولي الله ولد ذوالفقار علي پليجو، محمد اشرف ولد داد محمد پليجو تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوليس ذريعي خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته عوامي تحريڪ سنڌ سرڪار ۽ ان جي ونگاري پوليس انتظاميه کي واضح ٻڌائڻ چاهي ٿي ته اهو بزدلاڻو ۽ آمراڻو عمل عوامي تحريڪ جا ڪارڪن، رسول بخش پليجو سان محبت ڪندڙ ماڻهو، اديب، دانشور، شاعر، وڪيل، صحافي، سياسي اڳواڻ توڙي سماجي شخصيتون، ملڪ توڙي سنڌ جو باشعورعوام ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. عوامي تحريڪ ڪوڙن ڪيسن، گرفتارين کان ڪنهن به صورت ۾ خوفزده نه ٿيندي. عوامي تحريڪ جو هر هڪ ڪارڪن پنهنجي جدوجهد ڪري رکندو. هنن چيو ته اسان ملڪ جي اعلى اختيارين کان گهر ٿا ڪريون ته رسول بخش پليجو جي جلسي گاهه ۽ مزار تي قبضو ڪندڙ ڏوهارين کان قبضو ختم ڪرائي گرفتار ڪيو وڃي ۽ امڪاني خونريزي کي روڪڻ جو بندوبست ڪري. پريس ڪانفرنس ۾ عبدالقادر رانٽو. نور نبي پليجو. ڊاڪٽر ڄام تماچي. سرمد راڄپر، الطاف راهوجو پڻ شامل هئا.

You might also like