جيئي سنڌ محاذ پاران پاڻي کوٽ خلاف مظاهرن جو الٽيميٽم

حيدر آباد( پ ر)جيئي سنڌ محاذ سنيئر وائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو، وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الاهي بخش چاچڙ، ڊپٽي سيڪريٽري ذوالفقار بليدي، پريس سيڪريٽري اياز سولنگي، ماليات سيڪريٽري رمضان ماڇي رابطا سيڪريٽري ڪمال مهر گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب بئراجن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري زندگيون هڏڪين ۾ آهن 15جولاءِ تائين سنڌ جي بئراجن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سڏ ڏينداسين هنن چيو ته گڊو کان وٺي ٺٽي تائين درياه مان واري اڏامي رهي آهي ماحولياتي تباهي جي ڪري سنڌ جي سموري ڊيلٽا ختم ٿي رهي آهي سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي

You might also like