آمريڪي انتظاميا ايران سان ڳالهين بابت ڪانگريس کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب آمريڪي انتظاميا، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت آمريڪي ڪانگريس کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ويب سائيٽ موجب اعليٰ عملدار ايران سان ٿيل معاهدي ۽ تازين اڳڀرائين بابت اڄ باضابطه بريفنگ ڏيندا.

مفاهمتي يادداشت تي صحيحن کانپوءِ پهريون ڀيرو آمريڪي انتظاميا وڏي پيماني تي قانونسازن کي اعتماد ۾ وٺي رهي آهي.

ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته ان بريفنگ جو مقصد ملڪ اندر سياسي دٻاءُ گهٽائڻ ۽ آمريڪي پرڏيهي پاليسي بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي.

You might also like