مفاهمت ٻطرفو معاملو آهي، آمريڪا معاهدي تي عمل ڪندو ته اسان به پنهنجون ذميواريون نڀائينداسين: ايراني صدر

تھران(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته مفاهمت هڪ ٻطرفو معاملو آهي، جيڪڏهن آمريڪا مفاهمتي يادداشت تي عمل ڪندو ته ايران به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو.

هن ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بي بنياد ڌمڪين ۽ غير مناسب دعوائن جي مقابلي ۾ ايران جو موقف واضح آهي.

ايراني صدر موجب فيصلا عقل، دانائي ۽ انساني وقار کي بنياد بڻائي ڪيا وڃن، جڏهن ته عملي قدمن دوران مضبوط، بهادر ۽ بي خوف دفاع ڪيو وڃي.

You might also like