ملڪ ۾ اڄ به سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ هزارين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 4100 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 24 هزار 836 رپين جو ٿي ويو آهي.
ان کانسواءِ ڏهه گرام سون 3515 رپيا لاٿ کانپوءِ 3 لک 64 هزار 228 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 41 ڊالر لاٿ بعد 4024 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like