اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سڌ سماءُ واري وفاقي وزير وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان لاءِ پاڻي رڳو هڪ قدرتي وسيلو نه، پر بقا جو معاملو آهي ۽ پاڪستان هر صورت ۾ سنڌ طاس معاهدي جي تقدس جو تحفظ ڪندو.
اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته اڄ رڳو هڪ معاهدي نه، پر 24 ڪروڙ پاڪستانين جي زندگيءَ جي شهه رڳ بابت ڳالهه ٿي رهي آهي.
هن چيو ته سنڌو دريا صدين کان دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ جي آبياري ڪندو رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ حقيقت ۾ سنڌو دريا جي تاريخ آهي، زراعت قومي معيشت جو بنيادي ٿنڀ ۽ سنڌو دريا ان جي شهه رڳ آهي.
هن چيو ته ڇهه ڏهاڪا اڳ ٻن ملڪن هڪ غيرمعمولي فيصلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پائيدار آبي معاهدن مان هڪ، سنڌ طاس معاهدو وجود ۾ آيو.
وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هميشه پرامن لاڳاپن، تعميري ڳالهين ۽ معاهدي تي ايمانداري سان عملدرآمد جي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، 1960ع جو سنڌ طاس معاهدو عالمي لاڳاپن ۾ هڪ انوکي حيثيت رکي ٿو.
عطا تارڙ چيو ته پاڪستان بار بار واضح ڪري چڪو آهي ته سنڌو دريا جي پاڻي تي پاڪستاني عوام جو مڪمل حق آهي. جيڪڏهن پاڻي روڪڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته قومي قيادت اثرائتو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرناڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته گڏيل راضپي سان وجود ۾ آيل هن معاهدي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي صرف اتفاق راءِ سان ئي ممڪن آهي، سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي واري رويي سبب ڀارت کي عالمي فورمن تي تنقيد ۽ شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو، پاڻي کي تڪرار بدران سهڪار جو ذريعو بڻائڻ گهرجي.
پاڻي پاڪستان جي بقا جو سوال، سنڌ طاس معاهدي جي تحفظ لاءِ هر قدم کنيو ويندو: عطا تارڙ
Next Post
You might also like