اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جنگ نٿو چاهي، پر هر حال ۾ پنهنجي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو، جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي.
اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت سيمينار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي رڳو جاگرافيائي مسئلو نه، پر خوراڪ، مستقبل ۽ زندگيءَ جو سوال آهي.
هن چيو ته دنيا ڏٺو ته آبنائي هرمز جي بندش عالمي معيشت تي ڪيئن اثر وڌو.
هن چيو ته سنڌو دريا جو پاڻي پاڪستان جي زندگيءَ جي ضمانت آهي، جڏهن ته سامونڊي لنگهن يا آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي امن لاءِ خطرناڪ رجحان آهي.
سندس چوڻ هو ته دنيا کي هاڻي احساس ٿي چڪو آهي ته آبي وسيلا عالمي سياست ۽ سلامتي جو مرڪزي مسئلو بڻجي چڪا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کانسواءِ پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ مستقل امن جو تصور ممڪن ناهي.
هن زور ڀريو ته عالمي برادري کي پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جي خطرناڪ رجحان جي سنگيني کي سمجهڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته 21هين صدي پاڻي جي بندش ۽ آبي وسيلن کي سياسي دٻاءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جهڙن خطرن کي منهن ڏئي سگهي ٿي، تنهن ڪري گڏيل آبي لنگهن کي هٿيار بڻائڻ خلاف نوان بين الاقوامي قانون جوڙڻ جي ضرورت آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ڀارت جو رويو نه رڳو پاڪستان، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿو.
هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي آبي حقن ۽ سنڌو دريا تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪنهن ملڪ جي پاڻي جي فراهمي کي ڄاڻي واڻي روڪڻ هڪ وجودي حملي جي برابر آهي. جيڪڏهن پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جنگ جي برابر آهي ته ان طرف وڌندڙ هر قدم کي به معمول معاملو نٿو سمجهي سگهجي.
هن چيو ته پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي تحفظ لاءِ سياسي، سفارتي ۽ قانوني سميت هر فورم تي ڀرپور آواز اٿاريندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيت جو مقصد اهڙن وجودي خطرن کي روڪڻ آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت کي اهو تاثر نه ملڻ گهرجي ته هو پاڪستان تي دٻاءُ وڌائيندو رهي ۽ پاڪستان رڳو احتجاج تائين محدود رهندو.
هن وڌيڪ چيو ته اثرائتو دفاع تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن مخالف ڌر کي سرخ لڪير پار ڪرڻ جي قيمت جو مڪمل اندازو هجي.