عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ)عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڳموري ۾ افسوسناڪ حادثي دوران اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب ٽي معصوم نينگريون دٻجي فوت ٿي ويون.
فوت ٿيندڙ ٻارڙين ۾ 13 ورهين جي صغره ڌيءَ ابوبڪر، 3 ورهين جي ڪنزه ڌيءَ عبدالصمد ۽ رائيبا ڌيءَ فاروق ڪوري شامل آهن.
واقعي کانپوءِ ڳوٺاڻن فوري طور تي ٻارڙين کي ڀت هيٺان ڪڍي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال ۾ ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ٻارڙين جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻارڙين جا گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
ذريعن موجب، ٽئي ٻارڙيون مدرسي مان تعليم حاصل ڪري گهر واپس وڃي رهيون هيون ته اوچتو اسڪول جي ڀت مٿن ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي سخت زخمي ٿي پيون هيون.
You might also like