پيرس(عوامي آواز نيوز) يورپ ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي جي لهر برقرار آهي، جتي 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتل گرمي پد سبب روزاني زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي.خبرون ڏيندڙ اداري موجب شديد گرمي سبب سڄي يورپ ۾ هينئر تائين لڳ ڀڳ 1,500 فوتگيون رڪارڊ ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته اسپتال گرمي کان متاثر مريضن سان ڀرجي ويا آهن.فرانسيسي اختيارين موجب فرانس ۾ گرمي سبب فوتين جو انگ هڪ هزار کان وڌي ويو آهي، جن مان گهڻا بزرگ شهري آهن، جڏهن ته اسپين ۾ هيٽ ويو سبب 327 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.خبرون ڏيندڙ اداري موجب پولينڊ ۾ گرمي هڪ صدي پراڻو گرمي پد جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سربيا ۾ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.عالمي صحت اداري (ڊبليو ايڇ او) موجب لڳ ڀڳ 15 ڪروڙ يورپي شهري شديد گرمي جي لهر جي لپيٽ ۾ آهن.شديد گرمي سبب ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جا خطرا پڻ وڌي ويا آهن، جڏهن ته البانيا ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب جهنگلي ٻوٽن ۽ زيتون جي باغن کي نقصان پهتو آهي.رپورٽن موجب هيٽ ويو بجلي جي پيداوار، بنيادي ڍانچي ۽ صحت جي نظام تي به ناڪاري اثر ڇڏيا آهن، جڏهن ته سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انساني سرگرمين سبب ٿيندڙ موسمياتي تبديلي هن غيرمعمولي گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي.