اسلام آباد/لاهور(سجاد انور) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ مريم نواز وچ ۾ جهيڙو وڌي ويو،اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهي. پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جو هڪ ڪلپ وائرل آهي جنهن ۾ اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان هڪ ميمبر کي مخاطب ٿي چئي رهيو آهي ته علي ڀلي صاحب! ‘ڪنٽرول آف آفينڊرز بل اينڊ اينٽي سوشل بيھيوير’ (Control of Offenders Bill and Anti-Social Behaviour)، هي قانوني بل پيش ٿي چڪو آهي هائوس ۾؟ توهان کي مون کان پهرين صحي وٺڻ گهرجي ها، جڏهن ڪو بل پيش ٿيندو آهي ته اسپيڪر کي به آگاهه ڪرڻو هوندو آهي يانه ؟ اسپيڪر وڌيڪ چيو ته برطانوي دور جو قانون ٻيهر ڪيئن آڻي سگهجي ٿو،مون اخباري رپورٽ ڏٺي آهي پر اها به تصديق ٿيل آهي يا نه خبر ناهي، اسپيڪر ۽ وزيراعليٰ جي وچ ۾ معاملن ۾ جيڪا تلخي پيدا ٿي آهي اها ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي، جيڪڏهن ان جو پس منظر ڏٺو وڃي ته هي ٻه مھينا، ٻه ٽن مھينن کان اهي شيون رڌجي رهيون هيون،اسپيڪر سدائين انساني حقن جي ڳالهه ڪندو آهي، هو اپوزيشن جي حقن جو به حامي آهي، ان ڪري مريم نواز جي حڪومت سمجهي ٿي ته هو ٿورو ”اوور سمارٽ“ بڻجي رهيو آهي،اسپيڪر جي تڪ قصور ۾ سندس مرضي خلاف هڪ ڊي پي او لڳايو ويو ته جيئن هن کي هن جي ضلعي ۾ خوار ڪيو وڃي، پوءِ ڪالهه اسيمبلي گهرائي ان ڊي پي او کي اسيمبلي ۾ هڪ طريقي سان ذليل ڪيو ويو،گذريل ڏينهن تڪراري بل تي اسپيڪر ڪافي وڌيڪ ڪاوڙيل هو،بل مطابق ڪورٽ مان اختيار کسي سرڪاري آفيسرن کي ڏنا ويا آهن، ته هي ته هڪ طريقي سان انساني حقن تي به توهان سواليه نشان اٿاري رهيا آهيو، پوءِ منصفاڻي ٽرائل جو حق به ضايع ٿئي ٿو، پوءِ اپيل جو حق ختم ٿئي ٿو، هي هڪ تمام ئي تڪراري بل آهي.هاڻي الزام لڳي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ چيو هوندو ته هي بل پاس ڪري وٺو پر ڪجهه ماڻهو هي چون ٿا ته هي جيڪو سي سي ڊي جي سربراهه سهيل ظفر چٺا طرفان چيو ويو ته ان قسم جو بل پيش ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب ۾ شايد ڏوهه رڪجي وڃن،ملڪ محمد احمد خان حمزا شهباز لابي جو ماڻهو آهي، مريم نواز جا ويجهو ماڻهو ملڪ احمد خان کي عام طور تي آئوٽ سائيڊر (ٻاهريون) سمجهندا آهن، وزيراعظم صاحب لاهور آيو هو ته ملڪ احمد خان هن سان ملاقات ڪئي هئي، هڪ صاحب ٻڌايو ته ملاقات ٿي آهي پر وزيراعظم کيس چيو آهي ته مريم نواز جي معاملي ۾ توهان جي مدد نٿو ڪري سگهان توهان اسپيڪر آهيو، توهان پنهنجي قانون جي مطابق جيڪو توهان جو رول آهي، ان جي مطابق توهان پنهنجو آئين جي مطابق ڪردار ادا ڪريو،جڏهن ته شهبازشريف جي ڪوشش هئي ته حمزا شهباز کي پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز جو صدر بڻايو وڃي پر مريم نواز ان جي مخالفت ڪئي،ٻئي پاسي هڪ صحافي رپورٽ ڏني ته پنجاب جي بجيٽ ۾ پنج سئو کان وڌيڪ ترقياتي پراجيڪٽ شامل ڪيا ويا آهن جن کي انهن جي لاڳاپيل فورم تان منظوري ئي ناهي ڏني وئي.