اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي، پاڪستاني مردن ۽ عورتن جون ٽيمون ڪيئن ڪواليفاءِ ڪري سگهن ٿيون؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) 2028 واري لاس اينجلس اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ جي تاريخي واپسي لاءِ ٽيمن جي ڪواليفڪيشن جو طريقيڪار طئي ڪيو ويو آهي.
ڪرڪيٽ 1900ع واري پئرس اولمپڪس کان پوءِ پهريون ڀيرو 2028 جي اولمپڪ گيمز ۾ واپس اچي رهي آهي، جتي مردن ۽ عورتن جا مقابلا ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏيا ويندا.
آءِ سي سي موجب، لاس اينجلس اولمپڪس جي ڪرڪيٽ ايونٽس ۾ مردن ۽ عورتن جي 6-6 ٽيمون حصو وٺنديون. 4 ٽيمون آفريقا، ايشيا، يورپ ۽ اوشنيا جي نمائندگي ڪنديون، جن جو فيصلو آءِ سي سي ايونٽس ۽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جي بنياد تي ٿيندو.
هر کنڊ جي ٽاپ ٽيم سڌيءَ ريت اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي.
ميزبان ملڪ آمريڪا کي به قابليت جي بنياد تي شامل ڪيو ويندو، جيڪڏهن هو رينڪنگ ۾ ٽاپ 15 ۾ شامل هوندو. جڏهن ته ڇهين ٽيم جو فيصلو آءِ سي سي اولمپڪ ڪواليفائر ايونٽس ذريعي ڪيو ويندو، جنهن ۾ 8-8 ٽيمون حصو وٺنديون.
اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ 6 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو، جنهن جي ٽاپ ٽيمون سون، چاندي ۽ پتل جي ٻلن لاءِ مقابلو ڪنديون.
پاڪستاني ٽيمون ڪيئن ڪواليفاءِ ڪري سگهن ٿيون ؟
آءِ سي سي جي ضابطن موجب، 31 ڊسمبر 2026 تائين آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل رينڪنگ ۾ ايشيا جي ٽاپ رينڪ ٽيم سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪندي. هن وقت ان پوزيشن لاءِ ڀارت مضبوط اميدوار آهي. جيڪڏهن پاڪستان ايشيا ۾ ٽاپ رينڪ حاصل نه ڪري سگهيو، ته ان کي 2027 وارو آءِ سي سي اولمپڪس ڪواليفائر کيڏڻو پوندو ۽ ٽورنامينٽ کٽڻي پوندي ته جيئن لاس اينجلس 2028 تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي.
ان کانسواءِ عورتن جي ايونٽ لاءِ آسٽريليا، ڀارت، برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا آءِ سي سي رينڪنگ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي بنياد تي سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.
پاڪستاني وومين ٽيم سڌي ريت ڪواليفڪيشن کان محروم ٿي چڪي آهي، تنهنڪري هاڻي ان کي 2027 ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي اولمپڪس ڪواليفائر ۾ حصو وٺڻو پوندو، ڪواليفائر جو فاتح اولمپڪس جي آخري سيٽ حاصل ڪندو.

You might also like