ڪراچي ۾ تمام گهڻو ترقياتي ڪم ٿيو آهي،عوام مڃي پيو: قائم علي شاهه

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ڏکين حالتن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ آسان ڪم ناهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ تمام گهڻو ترقياتي ڪم ٿيو آهي، مخالف ڌر ان کي شايد تسليم نه ڪري، پر عوام انهن ڪمن کي ضرور مڃيندو.هن چيو ته گذريل 18 سالن دوران تاريخي ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي نمايان رهي آهي.اڳوڻي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ جي ضرورت آهي، جڏهن ته ڪيترائي صوبائي کاتا اڃا تائين وفاق وٽ آهن.سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري 2010ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن، ڇو ته اسان اهڙين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون.

You might also like