دوست هتي ويٺا آهن انهن کي پنهنجي وزن جي خبر ناهي، کين خبر آهي. کين اڄ جي پنهنجي حيثيت جي به خبر آهي ۽ پنهنجي وزن جي به خبر آهي، گهٽ ۾ گهٽ ٿورو ان جو ته خيال ڪن.هن چيو ته منهنجا دوست جيڪا ڳالهه ڪري رهيا هئا ته "الائي ڪالهه جي يونٽ انچارج جي سامهون نٿي ڳالهايو،” وڃي رڪارڊ ڪڍو، اسان وٽ گن مين ناهن هوندا هئا، سيڪيورٽي گارڊ ناهن هوندا هئا انهن ڏينهن ۾ امن لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن کان پڇو ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ ڇا ڇا ڪيو، ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن! توهان يونٽ انچارج جي ڳالهه ڪريو ٿا. جنهن قائد کي توهان ڇڏي ڏنو، اسان ان جي خلاف ڳالهائيندا هئاسين، پيپلز سيڪريٽريٽ” هلو، توهان کي مان ڏيکاريان جيڪا اسان جي شهيدن جون گيلريون ٺهيل آهن، هن چيو ته سنڌي ۽ مهاجر جي فرق کي ختم ڪرڻ جي ذميواري سڀني کان وڌيڪ اسان ماڻهن جي آهي جيڪي هتي ويٺا آهيون. هن چيو ته لاهور وڌيڪ اڳتي ويو آهي. جيستائين هي نفرت هتي نه هئي، جيستائين هي خونريزي هتي نه هئي، جيستائين لسانيت جي بنياد تي لاش هتي نه ڪرندا هئا، ڪراچي لاهور کان نه پر پوري پاڪستان جي هر شهر کان اڳتي هو.هن چيو ته اڄ توهان ڀيٽ ڪريو ٿا ته لاهور ائين ٿي ويو، لاهور ائين ٿي ويو… لاهور ان ڪري ائين ٿي ويو ڇو ته لاهور ۾ "ايم ڪيو ايم” نه هئي! لاهور ائين ان ڪري ٿي ويو ڇو ته لاهور ۾ خونريزي نه هئي، لاهور ۾ نفرت نه هئي، لاهور ۾ ڪنهن کي ان ڪري نه ماريو ويو ته تنهنجي ٻولي سنڌي آهي، تون پشتو ڳالهائين ٿو، هن چيو ته ڪراچي ڪا بيجان ڪا ٽيبل ڪرسي ناهي ته وڏو وزير اٿندو، ان کي رنگ پالش ڪندو۽ اها ٺهڪي ويندي، ائين نه ٿيندو. تمام وڏو شهر آهي، جيستائين هتي رهندڙ ماڻهن ۾ اسان هي احساس ۽ ذميواري پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿينداسين ته هي اسان جو شهر آهي، ان کي اسان سنڀالڻو آهي، ان کي اسان بڻائڻو آهي، ان کي اسان اڳتي وڌائڻو آهي، ان کي اسان ترقي ڏيڻي آهي، ان کي اسان دنيا جو بهترين شهر بڻائڻو آهي،هن چيو ته اسان اربين رپيا خرچ ڪندا آهيون ڪراچي جي صفائي تي. ڪراچي جا شهري جيڪڏهن اڄ طئي ڪري وٺن، ته اسان ڪراچي ۾ گندگي ناهي پکيڙڻي، پاڻ ئي ڪچرو کڻڻو آهي پاڻ ئي رکڻو آهي، توهان کي هڪ روپيو به خرچ ڪرڻو نه پوندو ۽ ڪراچي صاف ٿي ويندي،هن چيو ته اڄ توهان ڪنهن به شهر جي ماڻهن کان ٻڌو، مون ته ناهي ٻڌو گهٽ ۾ گهٽ سوائي ڪراچي جي جيڪي اسان جا مخالف آهن انهن کان ته "برباد ٿي ويو، تباهه ٿي ويو، تباهه ٿي ويو، کنڊر ٿي ويو، هن چيو ته توهان يونيورسٽي روڊ تي تنقيد ڪريو ٿا، ٺيڪ آهي، اسان وٽ ان جو جواز آهي. پر ٺيڪ آهي، هن وقت ڪراچي شهر ۾ تمام وڏي پيماني تي سوئي گيس بحالي جو ڪم ڪري رهي آهي. ان جي ڪري روڊ ٽٽا آهن، هن چيو ته ڪراچي جا روڊ توهان بلڪل سڀ ٺيڪ ڪري ڇڏيو، هنن کي تنقيد ئي ڪرڻي آهي، هن چيو ته اڄ مان هي دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي هن وقت سڀني کان وڏي سياسي جماعت آهي. ڪو مڃي يا نه مڃي، اردو ڳالهائيندڙن جي هڪ واضح اڪثريت پيپلز پارٽي ۾ آهي،هن چيو ته اهي توهان جي ان نفرت انگيز ڳالهين ۾ هاڻي نٿا اچن جيڪو ڪنهن زماني ۾ تمام گهڻو وڪامندو هو، اهو چورڻ هاڻي نٿو وڪامي. هن چيو ته منهنجو ته تمام شروع کان اهو موقف رهيو آهي ته هي جيڪو ڪوٽا سسٽم آهي، هي اسان جي شهري ماڻهن جي حق ۾ آهي، ايم ڪيو ايم ارڙهين ترميم ۾ ان کي تسليم ڪيو، هن چيو ته هڪ دوست اسان جو چئي رهيو هو "شاهراهه فيصل ٻڌي ٻڌي ڪن پچي ويا.” پهريان اين آئي سي وي ڊي ٻڌي ڪن پچي ويا هئا، هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ مسئلا آهن، اسٽريٽ ڪرائمز ۾ ڪمي ٿي آهي پر ان کان پوءِ به مان سمجھان ٿو نه وڏو وزير مطمئن آهي، نه اسان ۽ توهان مطمئن آهيون. هن چيو ته اسان مڃون ٿا ته ڪراچي سميت پوري صوبي سنڌ ۾ جيڪا ظالماڻي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ان جي ڪري ماڻهن کي تڪليفون آهن، ڪراچي جي ماڻهن وٽ پاڻي ناهي، هن چيو ته هتي جيڪا هڪ تمام خطرناڪ ڳالهه اسان جي ان دوستن جي طرفان ٿيندي آهي، اها نفرتن ۾ واڌ ڪري ٿي اهو جڏهن توهان ڪڏهن ڪڏهن چئو ٿا ته "هي مقامي آهي، غير مقامي آهي…” مون هر اجلاس ۾ بيهي ڪري پنهنجي تقرير ۾ چيو آهي ته مون کي ٻڌايو ته سهي ته توهان جي نظر ۾ ٻين صوبن مان ايندڙ غير مقامي پنجابي،بلوچ،گلگتي،ڪشميري، پشتون آهن يا اندرين سنڌ مان ايندڙ سنڌي آهن؟