نوجوانن جي تڪڙي پوڙهائپ تي ماهرن جي ڳڻتي! 20 کان 49 سالن وارن ۾ ڪينسر جا 11 قسم وڌڻ لڳا

هڪ نئين تحقيق موجب هاڻوڪا بالغ نوجوان، اڳين نسلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان پوڙهائپ جو شڪار ٿي رهيا آهن، جنهن سبب انهن ۾ ڪينسر جو خطرو به وڌي رهيو آهي.

هن سال جي شروعات ۾ اهو انڪشاف ٿيو هو ته 20 کان 49 سال جي عمر وارن بالغن ۾ 11 قسمن جي ڪينسر جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جن ۾ سيني، آنڊن ۽ پينڪرياس (لبلبي) جو ڪينسر شامل آهي. روايتي طور تي هي موتمار بيماري وڏي عمر وارن ماڻهن ۾ عام سمجهي ويندي هئي، تنهنڪري ماهر هن تبديليءَ جا سبب ڳولڻ ۾ رڌل آهن.

هن رجحاڻ جي وضاحت لاءِ ڪيترائي نظريا پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ غير صحتمند غذا، ٿولهه، تولهه ۽ شراب جو استعمال، آنڊن ۾ موجود فائديمند جراثيم (گٽ مائڪروبايوم) جي توازن ۾ خرابي، ۽ ماحول ۾ مائڪرو پلاسٽڪ ذرڙن جي موجودگي به شامل آهي.

پر طبي جرنل نيچر ميڊيسن ۾ ڇپيل هڪ نئين تحقيق ۾ مختلف وضاحت پيش ڪندي جسم جي اندرين سطح تي عمر وڌڻ جي عمل تي بحث ڪيو ويو آهي.

سائنسدان هاڻي رڳو ”ڪرونولوجيڪل عمر“ (مطلب جيترا سال ماڻهو جيئرو رهيو آهي) تي نٿا ڀاڙين. ان بدران هو ”بايولاجيڪل عمر“ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن، جيڪا ظاهر ڪري ٿي ته جسم ڪيتري بهتر طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪيتري تيزي سان پوڙهائپ ٿي رهي آهي. ان جو اندازو طرزِ زندگي، خوراڪ، ننڊ، ذهني دٻاءُ، جسماني فٽنيس، سوڄ ۽ گڏيل ميٽابولڪ صحت جهڙن عنصرن مان لڳايو ويندو آهي.

برطانيه ۽ آمريڪا جي لڳ ڀڳ 1 لک 64 هزار بالغ ماڻهن جي رت جي نمونن جي تجزيي ۾ محققن 30 ۽ 40 ورهين جي ماڻهن ۾ تيز بايولاجيڪل پوڙهائپ جا ثبوت ڳوليا. اهو رجحاڻ انهن جي والدين جي نسل ۾ نه ڏٺو ويو هو.

1965 کان 1974 جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهن ۾ انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾، جيڪي ٻه ڏهاڪا اڳ پيدا ٿيا هئا، سيلولر سطح تي وڌيڪ تيزي سان عمر وڌڻ جا آثار مليا. ٻين لفظن ۾، انهن جا جسم پنهنجي حقيقي عمر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عمر رسيده نظر آيا.

هي نتيجا ان امڪان ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته جسم جي اندر تيز پوڙهائپ نوجوان بالغن ۾ ڪينسر جي وڌندڙ ڪيسن ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، جيتوڻيڪ ماهرن زور ڏنو آهي ته ان پٺيان ڪيترائي عنصر گڏجي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.

سائنسدانن مختلف عمر وارن گروهن جي رت جي نمونن ۽ صحت جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو، جنهن دوران هنن جسم ۾ ٽُٽڻ ۽ خرابي جي نشانين جو جائزو ورتو، جهڙوڪ ڊي اين اي کي نقصان ۽ سوڄ، جيڪي اڪثر غير صحتمند طرزِ زندگي ۽ گدلاڻ سبب پيدا ٿين ٿيون.

ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو اڄ پنهنجي 50 سالن جي عمر ۾ آهن، انهن ۾ ننڍي عمر کان ئي تيز بايولاجيڪل پوڙهائپ جا آثار ڏٺا ويا آهن. اهي ماڻهو انهن جي ڀيٽ ۾ 23 سيڪڙو وڌيڪ تيزي سان پوڙها ٿيا، جيڪي اڄ پنهنجي 70 سالن جي عمر ۾ آهن.

هي تحقيق ڪينسر ريسرچ يو ڪي جي مالي مدد سان ڪئي وئي. ان مان اهو به ظاهر ٿيو ته جن بالغن جي بايولاجيڪل عمر سندن اصل عمر کان وڌيڪ هئي، انهن ۾ 55 سالن کان اڳ ڪينسر ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هو.

تحقيقي ٽيم جي سربراهه ۽ واشنگٽن يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي پروفيسر يين ڪاواو چيو ته بايولاجيڪل عمر رڳو اهو ناهي ته ماڻهو ڪيتريون سالگرهون ملهائي چڪو آهي، بلڪه اهو جسم جي اندر سيلولر ۽ ماليڪيولر سطح تي ٿيندڙ نقصانن ۽ خرابي جي عڪاسي ڪري ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته ان ۾ اهڙيون تبديليون شامل ٿي سگهن ٿيون، جيڪي سيلن ۽ ٽشوز جي ڪم ڪرڻ جي طريقي کي متاثر ڪن ٿيون، جهڙوڪ لڳاتار سوڄ، مدافعتي نظام جي ڪمزوري، ۽ وقت سان سيلن ۾ خرابي جو عمل.

پروفيسر يين ڪاواو چيو ته اسان جي تحقيق مان اهو اشارو ملي ٿو ته ڪجهه نوجوان بالغن ۾ اهي حياتياتي تبديليون اميد کان اڳ ٿي رهيون آهن ۽ ممڪن آهي ته انهن جو ڳانڍاپو نوجوان نسلن ۾ ڪينسر جي وڌندڙ شرح سان هجي.

ماهرن زور ڏنو ته هي هڪ مشاهداتي تحقيق هئي، تنهنڪري ان مان اهو ثابت نٿو ڪري سگهجي ته تيز بايولاجيڪل عمر رسيدگي سڌي طرح ڪينسر جو سبب بڻجي ٿي.

You might also like