مودي بابت بيان تي سنيل شيٽي خلاف وَٺ سَٽ!

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار سنييل شيٽي جو پنهنجي 15 مهينن جي پوٽي بابت ڏنل بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جتي ڪيترن ئي واهپيدارن ان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

سنييل شيٽي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته هو وزيراعظم نريندر مودي جو وڏو مداح آهي.

اداڪار چيو ته هو ڪنهن سياسي جماعت جي ڳالهه نه پيو ڪري، پر هڪ ليڊر جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي ملڪ سان جيتري محبت ڪري ٿو، اوتري ئي هن شخص سان به ڪري ٿو، ۽ ان ۾ هڪ خاص ڪشش آهي.

هن وڌيڪ دعويٰ ڪيو ته سندس 15 مهينن جي پوٽي، جنهن کي هڪ ڀيرو نريندر مودي جي تصوير ڏيکاري وئي هئي، هاڻي هوءَ روزانو ڪتاب کوليندي آهي ۽ ان ۾ موجود مودي جي تصوير ڏسي ”مودي جي، مودي جي“ چوندي آهي.

سنييل شيٽي جو چوڻ هو ته اسان مان ڪنهن به هن کي اهو سيکاريو ناهي، نه هن پاڻ، نه سندس ماءُ ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي. سندس چوڻ مطابق 15 مهينن جي ٻار کان وٺي 65 سالن جي بزرگ تائين سڀئي مودي کان متاثر آهن ۽ انهن ۾ واقعي ڪا خاص ڪشش آهي.

هي بيان سامهون اچڻ بعد سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻو ٽوئيٽر)تي واهپيدار طرفان سخت ردعمل ڏسڻ ۾ آيو.

ڪيترن ئي واهپيدار هن بيان کي ”برين واشنگ“ ۽ خوشامد جي انتها قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن سوال اٿاريو ته 15 مهينن جو ٻار ايتري سياسي سمجھه ڪيئن رکي سگهي ٿو.

ڪجهه واهپيدارن الزام لڳايو ته ٻارن جي معصوميت کي سياسي شخصيت جي تاثر کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

ٻئي پاسي ڪجهه ماڻهن سنييل شيٽي تي حڪومت کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام به لڳايو.

You might also like