بلوچستان ۾ شهيد ٿيل تاجر جي جنازي نماز ادا، انتظاميا جي لاتعلقي تي واپاري برادريءَ جو ڪاوڙ جو اظهار، انصاف جو مطالبو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب شهيد ٿيل واپاري علي مرتضيٰ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سوڳوارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڪراچي موبائل ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر منهاج گلفام انتظاميا جي لاتعلقي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علي مرتضيٰ جي شهادت هڪ وڏو سانحو آهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هيل تائين ڪنهن به سرڪاري يا حڪومتي شخصيت اسان سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو.
منهاج گلفام چيو ته حملي ۾ شهيد علي مرتضيٰ جي گهر واريءَ کي به چار کان پنج گوليون لڳيون آهن، جيڪا هن وقت اسپتال ۾ زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي.
هن وفاقي گهرو وزير، اعليٰ اختيارين ۽ بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.
واپاري برادريءَ طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته شهيد جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ زخمي گهر واريءَ جي علاج لاءِ سموريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

You might also like