توهان جي سم به بند ٿي سگهي ٿي، پي ٽي اي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) واهپيدارن کي سم جي معطلي بابت خبردار ڪري ڇڏيو.
پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدار پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جي مدي کي وقت سر اپڊيٽ رکن، مدي خارج يا غير فعال شناختي ڪارڊ تي نڪتل سم ڪنهن به وقت معطل ٿي سگهي ٿي.
سڃاڻپ ڪارڊ جي وقت سر تجديد سان موبائل سروس بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رکي سگهجي ٿي، غير فعال شناختي ڪارڊ تي رجسٽرڊ سمن جي بندش کان بچڻ لاءِ فوري قدم کڻو.
پي ٽي اي اختيارين موجب، سڄي ملڪ جا شهري پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جي سموري ڄاڻ وقت تي اپڊيٽ ڪرائين، نادرا کان شناختي ڪارڊ ٻيهر فعال ڪرائي موبائل سروس برقرار رکي سگهجي ٿي.
واهپيدار لاڳاپيل موبائل آپريٽر جي سروس سينٽر تي وڃي پنهنجي بايو ميٽرڪ تصديق مڪمل ڪن، غير فعال شناختي ڪارڊ رکندڙ واهپيدار پنهنجي سم جي رجسٽريشن جي حيثيت فوري چيڪ ڪن.
سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شناختي دستاويزن جي وقت سر تجديد سان توهان جي موبائل ڪنيڪٽيويٽي بلڪل متاثر نه ٿيندي.

 

You might also like