بلاول ڀٽو پاران ڪراچي رينجرز ڪيمپ تي حملي جي مذمت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي سطح تي سفارتي محاذ تي پاڪستان جي ٿيندڙ تاريخي موٽ دشمنن کان هضم نٿي ٿئي، جنهن ڪري هو بزدلاڻيون ڪارروائيون ڪري ملڪ جو امن تباهه ڪرڻ چاهين ٿا.
هن حملو ڪندڙن کي منهن ڏيندڙ ۽ دهشتگردن کي ختم ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو.
بلاول ڀٽو فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
بلاول هائوس جي ترجمان موجب، پ پ چيئرمين شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سندن وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.

 

You might also like