حضرت امام حسين عليه السلام اسلام جي سربلندي لاءِ قرباني ڏني:مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عاشوري ڏھاڙي تي سندس پيغام ۾ حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ شهداءِ ڪربلا جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سلام آهي اُن حسين عليھ السلام تي، جنهن دينِ محمد ﷺ جي سربلندي ۽ اسلام  جي بقا لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪربلا جي تپيل واريءَ تي ڏنل قرباني، صبر، استقامت ۽ وفاداري جي داستان قيامت تائين انسانيت جي رهنمائي ڪندي رهندي. وزيراعليٰ ھائوس مان جاري پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ شهداءِ ڪربلا جون عظيم قربانيون امتِ مسلمه جو لازوال سرمايو آهن. حضرت محمد رسول ﷺ جي ڏوھٽي امام حسين عليھ السلام باطل آڏو سر جهڪائڻ بدران سر ڪٽرائڻ قبول ڪيو ۽ پنهنجي پاڪ رت سان اسلام جي آبياري ڪندي حق ۽ انصاف جو علم هميشه لاءِ بلند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته امام حسين عليھ السلام اسان کي عزت، غيرت، صبر، استقامت ۽ باطل قوتن جي سامهون ڊٽجي بيهڻ جو درس ڏئي ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪربلا جو هر شهيد وفاداري، ايثار ۽ قرباني جي زندهه تشريح آهي، جڏهن ته حضرت امام حسين عليھ السلام جي شهادت انسانيت کي ظلم ۽ جبر خلاف آواز بلند ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪيو. هن چيو ته اڄ به دنيا جي مظلومن کي ڪربلا مان اميد، همت ۽ استقامت جو پيغام ملي ٿو ۽ انسانيت، انصاف، آزادي ۽ اعليٰ ڪردار جي سربلندي جي علامت حسينت آهي. وڏي وزير چيو ته عاشوري جي ڏھاڙي تي شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ هر دل ڏکويل ۽ هر اک آلي آهي. هن چيو ته ڪربلا حق ۽ باطل جي سڃاڻپ سان گڏ حق ۽ انصاف لاءِ جدوجهد جي علامت آهي. حضرت امام حسين عليھ السلام مسلم امت کي اهو پيغام ڏنو ته حق خاطر هر قرباني ننڍي آهي ۽ ظلم ۽ جبر آڏو خاموش رهڻ اهلِ حق جو شيوو ناهي. هن چيو ته سنڌ ڌرتيءَ سدائين اهلِ بيت عليھ السلام سان محبت ۽ عقيدت کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو آهي، جڏهن ته سنڌ جي صوفين ڪربلا جي عشق، وفا ۽ قرباني جي پيغام کي نسل در نسل منتقل ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحھ جي ڪلام ۾ پڻ ڪربلا جو ڏک ۽ حضرت امام حسين عليھ السلام سان محبت نمايان طور تي جھلڪندي نظر اچي ٿي ۽ "يا حسين عليھ السلام” جي صدا اڄ به مظلوم انسانيت جي دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته عاشوري ڏھاڙي تي سموري سنڌ ۾ مجلسن ۽ جلوسن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت عزادارن کي هر ممڪن سهولتون ۽ پُرامن ماحول فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آهي. هن دعا ڪئي ته ڌڻي سڳورو اسان سڀني کي حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ اهلِ بيت عليھ السلام جي تعليمات تي عمل ڪرڻ ۽ سندن نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 

You might also like