ڪراچي (عوامي آواز نيوز) وينزويلا ۾ آيل طاقتور زلزلن کان پوءِ هڪ اهم سوال سامهون آيو آهي ته گوگل ڪجهه واهپيدارن کي زلزلي کان اڳ خبردار ڪيئن ڪري ڇڏيو؟ سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي ڪيترن ئي واهپيدارن اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي ته کين زلزلي اچڻ کان ڪجهه سيڪنڊ اڳ گوگل طرفان وارننگ ملي هئي، ماهرن موجب ان جو تعلق سڌو سنئون اسمارٽ فونز ۾ موجود ايڪسيليروميٽر سينسر سان آهي، جيڪو نه رڳو فون جي حرڪت پر زمين جي شروعاتي لرزش کي به محسوس ڪري سگهي ٿو، جڏهن اينڊرائيڊ فون اهڙي حرڪت محسوس ڪري ٿو جيڪا زلزلي جي شروعاتي نشاني هجي ته اهو گوگل جي ارٿ ڪوئڪ الرٽس سسٽم ڏانهن سگنل موڪلي ٿو.، گوگل جا سرور ساڳئي علائقي جي ٻين فونن مان ملندڙ ڊيٽا جو جائزو وٺن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪيترائي فون هڪ جهڙي لرزش رڪارڊ ڪن ته سسٽم زلزلي جو اندازو لڳائي فوري طور الرٽ جاري ڪري ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته زلزلي جون شروعاتي لهرون (پي ويز) گهٽ نقصانڪار هونديون آهن ۽ وڌيڪ تيزي سان سفر ڪنديون آهن، جڏهن ته بعد ۾ ايندڙ لهرون وڌيڪ تباهه ڪندڙ هونديون آهن، گوگل انهن ابتدائي لهرن کي سڃاڻي متاثر علائقن جي ماڻهن کي ڪجهه سيڪنڊ اڳ خبردار ڪري سگهي ٿو، جيڪي جان بچائڻ لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿي سگهن ٿا، گوگل موجب دنيا ۾ ٻه ارب کان وڌيڪ اينڊرائيڊ فون هن نيٽ ورڪ جو حصو آهن، جنهن سبب اهو دنيا جو سڀ کان وڏو ورهايل زلزلي جي نگراني وارو نظام بڻجي ويو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته هي نظام زلزلي جي اڳڪٿي نٿو ڪري، پر ابتدائي لرزش محسوس ڪري ماڻهن کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.