قائدآباد ۾ قتل ٿيل ٻارڙي سان زيادتي ۽ تشدد جي تصديق

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي قائدآباد واري علائقي ۾ 3 ورهين جي نينگري ڪلثوم جي قتل بابت پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي جنهن ۾ انتهائي ڳڻتي جوڳا انڪشاف سامهون آيا، پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه  موجب پوسٽ مارٽم دوران نينگري سان جنسي زيادتي جي تصديق ٿي آهي، موت جو اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ محفوظ ڪئي وئي، مختلف نمونا ڪيميائي تجزيي لاءِ محفوظ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪيميڪل ايگزامينيشن رپورٽ اچڻ کان پوءِ موت جو حتمي سبب معلوم ٿي سگهندو، پوليس موجب معصوم نينگري جي قتل جو ڪيس سندس والد محمد قاسم جي فرياد تي قائدآباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف اغوا، جنسي زيادتي ۽ قتل جي دفعات تحت داخل ڪيو ويو، فريادي موجب شام جو ساڍي چار وڳي سندس زال فون ذريعي اطلاع ڏنو ته ڌيءَ ڪلثوم گهر کان ٻاهر کيڏڻ وئي هئي پر واپس نه موٽي، گهڻي ڳولا باوجود سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو، فريادي وڌيڪ ٻڌايو ته رات جو لڳ ڀڳ اٺين وڳي گهر واپس اچڻ دوران پاڙي وارن ٻڌايو ته انڄاتل ماڻهو نينگري کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش اٽي واري ٻوري ۾ وجهي گهر واري گهٽي جي گيٽ اندر اڇلائي ويا، فريادي موجب پاڙي جي نوجوانن لاش کي موٽرسائيڪل ذريعي سوشل سيڪيورٽي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نينگري کي فوت ٿئي ڪافي وقت گذري چڪو هو، والد جو چوڻ آهي ته جوابدارن معصوم ڌيءَ کي اغوا ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، پوءِ قتل ڪري ثبوت لڪائڻ لاءِ لاش ٻوري ۾ وجهي گهر ڀرسان ڦٽو ڪيو. هن قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like