ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ ايڇ پرو ليگ ۾ پاڪ-ڀارت هاڪي ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي قومي جهنڊي جي غلط نمائش تي شوقينن سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
ميچ کان اڳ قومي ترانن واري تقريب دوران ٻارن جي هٿن ۾ موجود پاڪستاني جهنڊي مان اڇو حصو غائب هو، جنهن سبب بين الاقوامي هاڪي فيڊريشن (ايف آءِ ايڇ) جي غفلت تي سوال اُٿاريا ويا.
واقعي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني شوقينن ۽ واهپيدارن ايف آءِ ايڇ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
شوقينن جو چوڻ هو ته عالمي سطح جي راندين جي مقابلي ۾ ڪنهن ملڪ جي قومي جهنڊي جي اهڙي غلط نمائش قبول ڪرڻ جوڳي ناهي.
سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي واهپيدارن مطالبو ڪيو ته ايف آءِ ايڇ ان غلطي بابت وضاحت جاري ڪري ۽ پاڪستان کان باضابطا معذرت ڪري.
واضح رهي ته پاڪستان جي قومي جهنڊي ۾ موجود اڇو حصو ملڪ جي مذهبي اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو، جڏهن ته سائو رنگ مسلم اڪثريت جي علامت آهي.
اهڙي اهم تقريب دوران قومي جهنڊي جي غلط پيشڪش سبب مداح سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.