اُهي واعدا جَي پاڙجي نه سگهيا! ”مين واپس آئونگا“ ۽ سرگوڌا جي ايشر سنگهه جي ڪرڀناڪ ڪٿا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ هدايتڪار امتياز علي جي نئين فلم ” مين واپس آئونگا“ ورهاڱي جي ان ڪرڀناڪ تاريخ تي آڌاريل آهي، جنهن لکين ماڻهن جي زندگين کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو هو.
هي فلم نه رڳو هندستان ۾، پر پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ به تمام گهڻي مقبول ٿي رهي آهي.
فلم جي ڪهاڻي 95 ورهين جي پيرسن ايشر سنگهه گريوال جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن جو ڪردار نصيرالدين شاهه ادا ڪيو آهي.
هو فالج جو شڪار آهي ۽ سندس يادداشت هوريان هوريان گهٽجي رهي آهي.
سندس پڙپوٽو نروير جڏهن انگلينڊ مان واپس وري ٿو ته کيس ڏاڏي جي ان ماضيءَ جي وکريل ورقن بابت پتو پئي ٿو، جيڪي ورهاڱي کان اڳ جي شهر سرگوڌا سان جڙيل آهي، جيڪو هاڻ پاڪستان جو حصو آهي.
ايشر سنگهه جي دل ۾ هڪ ئي خواهش رهجي وئي آهي ته هو پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي جنم ڀومي سرگوڌا ڏسي، جتي سندس ننڍپڻ، ڪجهه واعدا ۽ شايد هڪ اڌوري محبت رهجي وئي هئي.
فلم شروع کان ئي هڪ اداس پڻي ۽ پراڻي ماحول جو احساس ٿئي ٿو، جنهن کي نصيرالدين شاهه جي لاجواب اداڪاري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
فلم جو مکيه مقصد رڳو هڪ سياسي ورهاڱو ڏيکارڻ ناهي، پر ان انساني درد کي سمجهڻ آهي، جيڪو ورهاڱي جي پيڙا سهڻ وارن جي دلين ۾ اڄ به موجود آهي.
هن فلم جي خاص ڳالهه اها آهي ته هيءَ سرحد جي ٻنهي پاسي نفرت واري ماحول ۾ محبت ۽ يادن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي.
فلمي شوقينن جو چوڻ آهي ته هي فلم ڏسڻ وقت ماڻهو جذبن تي ظابطو نه ٿو رکي سگهي، ڇاڪاڻ ته اها اسان کي ياد ڏياري ٿي ته سرحد جي ٻنهي پاسي رهندڙ لوڪ اڄ به پنهنجن رشتن ۽ وڇڙيل ماضيءَ کي ڳولين پيا.
هيءَ فلم هڪ اهڙي اداس ڪٿا آهي، جيڪا هر ان شخص جي دل کي ڇُهي ٿي، جنهن جي زندگيءَ ۾ ڪا اڻپوري خواهش دٻجي ويئي هجي.
هن فلم ۾ ڪردارن جي هڪ وڏي فهرست آهي، جيڪا ان جي ڪهاڻيءَ کي گهرائي ۽ ڊيگهه ڏئي ٿي.
فلم جو مُک ڪردار ايشر سنگهه گريوال عرف ”ڪينو“ آهي، جيڪو پيرسني واري روپ نصيرالدين شاهه نڀايو آهي، جڏهن ته سندس جوانيءَ وارو ڪردار ويدانگ رائنا ادا ڪيو آهي.
ڪهاڻيءَ جو اهم موڙ شروريءَ جو ڪردار آهي، جيڪا ”جيا“ يا ”افسانه“ جي نالي سان ڪينوءَ جي محبت بڻجي سامهون اچي ٿي.
دلجيت دوسانجهه فلم ۾ ڪينو جي پڙپوٽي نروير گريوال جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو انگلينڊ کان واپس اچي پنهنجي ڏاڏي جي ان اڻپوري داستان کي ڳولي ٿو، جيڪا ورهاڱي جي ور چڙهي وئي هئي.
فلم جي ٻين اهم ڪردارن ۾ بنتا سندھو (ڪاويِري)، دانش پانڊور (افضل) ۽ ڪمود مشرا (بي ايس ايف چيف) شامل آهن.
ان کان سواءِ خانداني رشتن کي نڀائيندڙ ڪردارن ۾ رجت ڪپور (اقبال گريوال) ۽ سنجي سوري (جسير گريوال) شامل آهن، جيڪي ترتيبوار ڪينو جا وڏا ۽ ننڍا پٽ آهن.
فلم ۾ ڊالي اهلوواليا، ونود ناگپال، منيش چوڌري، انجنا سُکاڻي، رسيڪا آگاشي، مشهور امروهي، نڪت خان ۽ ساحل مهتا پڻ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.

You might also like