سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف عوامي تحريڪ طرفان گولاڙچي ۽ بٺوري ۾ ريليون

گولاڙچي/ميرپوربٺورو (پ ر+نمائندا) سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، امڪاني 28 هين ترميم، نياڻين جي قتل عام ، مهانگائي ۽ منشيات خلاف عوامي تحريڪ طرفان گولاڙچي ۾ ريلي ڪڍي شهر جي  مختلف بازارن مان گذري ڪراچي بدين روڊ تي شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ريلي ۾ "پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا” "حڪمرانو جواب ڏيو پاڻي جو حساب ڏيو” "ڪاري ناهي ڪابه نياڻي ڪارو آهي سماج” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪيٽري لال جروار،مهراڻ درس،جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر،سچل هاليپوٽو،آبادگار اڳواڻ ارشد آرائين،گلزار نوحاڻي،اللہ بچايو جتوئي،غلام علي نوحاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري ڪربلا واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ خريف جي پوکيء جو ٽائيم هلندڙ آهي پر سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي کان محروم ڪيو ويو آهي. بدين ضلع جي پڇڙي ۾ پاڻي جي لپ ڪونهي ماڻهو ۽ جهنگلي جيوت پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. هنن چيو ته  ڌاڙيلن ۽ منشيات فروشن کي پوليس ۽ پيپلزپارٽي سرڪار جي مڪمل طور سرپرستي آهي، جنهنڪري سنڌ جا ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهن.بدين ضلع سميت سڄي سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبار عام ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سرڪار جا چونڊيل نمائنده ملوث آهن،هوڏانهن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، 28هين ترميم، منشيات جي وڌندڙ وڪري سبب نسلن جي تباهي، بدامني ۽ عورتن جي قتل عام خلاف عوامي تحريڪ طرفان ميرپور بٺوري ۾ ڊاڪٽرز گلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو. ريلي ۽ ڌرڻي ۾ آبادگارن، هارين، پورهيتن، نوجوانن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي علي محمد پرويز ميمڻ، ساگر پرهياڙ،عزيز ميمڻ،نواز ڏيٿو،محمد ڏيٿو،عثمان ٿهيم، مير ٽڳڙ،عبدالرزاق ٻائيتار،عمر ڏيٿو،مهراڻ ملاح ۽ ايوب ٻائيتار چيو ته امڪاني 28هين ترميم جناح جي پاڪستان تي حملو آهي،هنن چيو ته هڪڙي پاسي ارسا ذريعي پنجاب سرڪار سنڌ جو پاڻي مڪمل طور بند ڪيو آهي، مٿان وري جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي پهچي ٿو سو حڪومتي وڏيرا قبضو ڪري ويٺا آهن. پيپلز پارٽي جي وڏيرن زمينداري بند لڳائي يزيد وانگر باقي خلق خدا جو پاڻي مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو آهي. بٺوري تعلقي جي شاخن گنج بحر واھ، جعفرا واھ، محمودا واھ، گھاڙي واھ، شاھ واھ ۽ ٻين واهن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي.

 

You might also like