ڪشمير ۾ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن جا نالا فورٿ شيڊول مان هٽايا وڃن:محمود اچڪزئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ وفد قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سان ملاقات ڪئي. چيئرپرسن جمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ پارٽي ايڊووڪيٽ نبيلا  ارشاد وفد جي اڳواڻي ڪئي. بيان موجب، اسد قيصر، شهرام ترڪئي، عاطف خان ۽ اخوانزاده حسين يوسفزئي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن ڪشمير جي مسئلي ۽ جمهوري ۽ قومي حقن لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. موجوده صورتحال جو حل رواداري، سياسي بصيرت ۽ باهمي احترام ذريعي ڳولڻ گهرجي. محمود خان اچڪزئي سڀني سياسي قوتن ۽ حڪومتي نمائندن کي اشتعال انگيز بيانن کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ بامعني ڳالهين جي شروعات لاءِ فوري طور تي اعتماد سازي جي قدمن کي اڻٽر قرار ڏنو. محمود خان اچڪزئي چيو ته ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن خلاف لاڳو ڪيل فورٿ شيڊول ۽ ٻين پابندين کي فوري طور تي هٽايو وڃي. حرڪت تي پابنديون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته ايڪشن ڪميٽي 23 جون لاءِ اعلان ڪيل لانگ مارچ جو جائزو وٺي. محرم جي تقدس کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به طرف کان طاقت جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي، ۽ آزاد ڪشمير ۾ کاڌي، دوائن، پيٽروليم شين ۽ ٻين شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي

 

You might also like