تهران/اسلام آباد(ع آ نيوز) ايراني صدر مسعود پزشڪيان اڄ (اڱاري) تي پاڪستان جو دورو ڪندو.ايراني سرڪاري نيوز ايجنسي موجب، ايراني صدر جي آفيس جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر حبيب الله عباسي جي مطابق، هن دوري جو مقصد آمريڪا-ايران ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪرڻ ۽ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪرڻ آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته هي دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي ڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون ڪالهه سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙي هيٺ شروع ٿيون.