ايران جي منجمد اثاثن جي بحالي شروع، تيل وڪري تان بندش به عارضي طور ختم

واشنگٽن/برگن اسٽاڪ(ع آ نيوز) آمريڪا ۽ ايران ۾ امن ڳالهين کان پوءِ 60 ڏينهن جي روڊ ميپ تي اتفاق ٿي ويو آهي. جڏهن ته ايران جا منجمد ڪجهه اثاثا جاري ڪندي 60 ڏينهن لاءِ ايران جي تيل وڪري تان  بندش به هٽائي ڇڏي آهي. آمريڪي ناڻي کاتي هڪ اجازت نامو جاري ڪيو آهي، جنهن تحت 21 آگسٽ تائين ايراني ڪچي تيل ۽ پيٽرو ڪيميڪل شين جي ترسيل ۽ وڪري جي اجازت هوندي. هي فيصلو واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ گذريل هفتي طئي ٿيل مفاهمتي يادداشت نامي تحت ڪيو ويو آهي. آمريڪي ناڻي واري وزارت جي اجازت نامي ۾ انشورنس، بئنڪنگ خدمتن ۽ ٻيا معاملا پڻ شامل آهن. هن لائسنس ۾ ڪچي تيل، پيٽرو ڪيميڪل شيون ۽ ايران مان نڪرندڙ پيٽروليم شين جي آمريڪا ۾ درآمد پڻ شامل آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايڪس تي لکيو ته ايراني تيل ۽ پيٽرو ڪيميڪل جي برآمد تي پابنديون معطل ڪيون ويون آهن، سامونڊي ناڪا بندي ختم ٿي وئي آهي ۽ ڪجهه منجمد اثاثا به جاري ڪيا ويا آهن. آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته سوئٽزرلينڊ ۾ جاري بامقصد ڳالهين جي سلسلي ۾، ايران آبناءِ هرمز ۾ آزاد ۽ کليل راهداري ۽ بين الاقوامي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اَي اَي اَي) جي نمائندن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخلا جي اجازت ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، ان فريم ورڪ تحت ئي 60 ڏينهن جو عارضي لائسنس جاري ڪيو ويو آهي. دستاويز موجب، آمريڪا ايران خلاف سموريون معاشي پابنديون ختم ڪندو، جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جا ٺهراءَ ۽ آمريڪا جون هڪ طرفي پابنديون به شامل آهن. ٻئي ڌريون ان معاملي کي ايندڙ ڳالهين ۾ فوري طور حل ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون. سوئٽزرلينڊ ۾ ايران سان ٿيل ڳالهين کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪ انتهائي هاڪاري رهيا آهن، لبنان ۾ امن برقرار رهيو آهي، جڏهن ته آبناءِ هرمز به کليل رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، جَي ڊِي وينس چيو ته آچر ڏينهن ايران سان ٿيل ڳالهين دوران معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي ۽ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڳالهين جي شروعاتي مرحلي دوران ايراني وفد پاران واڪ آئوٽ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، جڏهن ته اهڙي قسم جون ڌمڪيون سوشل ميڊيا تي پڻ گردش ڪري رهيون هيون، پر ان باوجود ڳالهين جو سلسلو جاري رهيو. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته لبنان ۾ حزب الله کي ايران ڪنٽرول ڪري.

 

You might also like