مراد علي شاهه ئي وڏو وزير رهندو،شرجيل ميمڻ سندس جاءِ نٿو وٺڻ چاهي

لاهور/اسلام آباد( امداد سومرو ) پ پ جي هڪ سينيئر پارليامينٽرين ٻڌايو آهي  ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وچ ۾ هلندڙ اختلاف ختم ٿي ويا آهن ۽ ٻنهي ۾ صلح ٿي وئي آهي.هن جو چوڻ هو ته ڪافي عرصي کان معاملا ٺيڪ نه هلي رهيا هئا، پر هاڻي آخرڪار ٻنهي وچ ۾ صلح ٿي وئي آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته اهي اختلاف ڇا هئا؟ ڇا واقعي ٻنهي جي وچ ۾ ڪا ڇڪتاڻ هئي؟ان حوالي سان هاڻي ڪجهه ڳالهيون سامهون آيون آهن، جڏهن ته شرجيل انعام ميمڻ پاڻ به ان معاملي تي وضاحت ڪئي آهي.سنڌ جي وڏي وزير کي تبديل ڪرڻ جون ڳالهيون ته هر ٻن ٽن مهينن کانپوءِ ٻيهر سامهون اچي وينديون آهن. هر ڀيري اهو چيو  ويندو آهي ته لابنگ هلي رهي آهي ۽ مراد علي شاهه کي هٽائي ڪنهن ٻئي کي وڏي وزير بڻايو ويندو.گذريل هفتي کان وري اهي خبرون گردش ۾ هيون ته صدر آصف علي زرداري مراد علي شاهه کي هٽائي ڪنهن ٻئي کي وڏي وزير بڻائڻ چاهين ٿا، پر بلاول ڀٽو زرداري ان ڳالهه تي راضي نه آهي.هي خبر سينيئر صحافي محمد مالڪ ڏني هئي، بجيٽ اجلاس دوران شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ موجود نه هو، ۽ پوءِ بجيٽ کانپوءِ ٿيل پريس ڪانفرنس ۾ به نظر نه آيو،ان تي جڏهن صحافين وڏي وزير مراد علي شاهه کان پڇيو ته ڇا شرجيل ميمڻ اوهان کان ناراض آهي؟ مراد علي شاهه جواب ڏنو ته هو پارٽي جي هڪ ذميواري نڀائي رهيو آهي. پارٽي کيس ٻي اسائنمينٽ ڏني آهي، جنهن ۾ هو مصروف آهي،هن چيو ته جڏهن بجيٽ اجلاس هلي رهيو هو، يا ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ اهو ٻڌايو ويو ته شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، عاجز ڌامراهه ۽ امداد پتافي سميت پيپلز پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ گلگت بلتستان ۾ موجود هئا.گلگت بلتستان ۾ سياسي رابطن ۽ حڪومت سازي بابت جيڪي سرگرميون هلي رهيون هيون، انهن ۾ انهن کي مختلف ذميواريون ڏنيون ويون هيون، تنهن ڪري هو اتي مصروف هئا.پر ٻڌايو ويو ته بجيٽ اجلاس وارن ڏينهن ۾ شرجيل انعام ميمڻ گلگت ۾ نه، پر اسلام آباد ۾ هئا.شايد انهيءَ سبب اهي افواهه وڌيڪ زور وٺي ويا ته هو ناراض آهي ۽ حڪومتي معاملن کان ڪجهه پري ٿي ويو آهي، انهن خبرن دوران هڪ ٻيو سبب به سامهون آيو.اهو بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي هو، جنهن تي الزام لڳايو ويو ته هن منصوبي ۾ لڳ ڀڳ 8 ارب رپين جي بي ضابطگيون ڪيون آهن.جاچ دوران معلوم ٿيو ته هن ضابطن جي ابتڙ اڳواٽ ادائيگيون ڪيون هيون.جڏهن کيس جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو ته هو غائب ٿي ويو، ۽ اڄ تائين سندس ڪا خبر نه پئي آهي ته هو ڪٿي آهي.ان کان پوءِ اهو تاثر ڏنو ويو ته مراد علي شاهه ۽ شرجيل انعام ميمڻ وچ ۾ اختلافن جو وڏو سبب ضمير عباسي وارو معاملو آهي.اهو به چيو ويو ته شرجيل ميمڻ ضمير عباسي جي حمايت ڪري رهيو هو، ۽ انهيءَ سبب سندس وڏي وزير سان اختلاف پيدا ٿيا.پر شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته  اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. ضمير عباسي وارو معاملو ته سڀ کان پهرين منهنجي سامهون مارچ مهيني ۾ آيو ضمير عباسي قاعدن جي ابتڙ لڳ ڀڳ 8 ارب رپيا اڳواٽ ادا ڪري ڇڏيا.شرجيل ميمڻ چيو ته جڏهن مون کي اها ڳالهه معلوم ٿي ته مون فوري طور ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ان بابت خط لکي جاچ ڪرائي وڃي،هن وڌيڪ چيو ته مون پاڻ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري کي به آگاهه ڪيو ته اهڙي سنگين بي ضابطگي ٿي آهي، تنهن ڪري ان جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي هن چيو ته جيڪڏهن شڪايت مون پاڻ ڪئي هئي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته مان ئي ضمير عباسي جي حمايت ڪريان يا ان معاملي تي منهنجا وڏي وزير سان اختلاف هجن؟يعني شرجيل ميمڻ انهن سڀني خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، جن ۾ چيو پئي ويو ته ضمير عباسي جي معاملي سبب حڪومت اندر اختلاف پيدا ٿيا آهن.شرجيل ميمڻ ان تاثر کي به رد ڪيو ته هو  وڏو وزير بڻجڻ چاهي ٿوهن وڌيڪ چيو ته تاثر اهو ظاهر ڪيو ويو ته منهنجو پنهنجو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مون تي اعتماد نٿو ڪري، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته مون کي وڏي وزير بڻائڻ بابت اهڙيون خبرون ۽ افواه دراصل منهنجي خلاف سازش آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 جون 2026  تي شايع ٿيو

You might also like